دولتپور/قاضي احمد (نمائندن وٽان) اڳوڻي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي نوابشاهه جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن عدالت ۾ ناري عظمه ڏاهري جي اغوا واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت جي نوٽيس باوجود لاڙڪاڻو جيل انتظاميان اسماعيل ڏاهري کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو، عدالت پاران وڊيو لنڪ ذريعي پڻ جيل انتظاميا سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي جيل انتظاميا انٽرنيٽ جي سهولت نه هجن جو جواز ڄاڻائي وڊيو لنڪ تي اسماعيل ڏاهري کي پيش نه ڪيو، جنهن تي عدالت اسماعيل ڏاهري کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اسماعيل ڏاهري جي وڪيلن سچل مجيب ماڇي ۽ مختيار رند اسماعيل ڏاهري کي پيش نه ڪرڻ کي بنيادي حقن جي خلاف ورزي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو آھي ته ملڪ جي آئين ۾ هر شهري کي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو ڪيس وڙهڻ جو اختيار حاصل آهي پر ان باوجود جيل انتظاميا پنهنجي هٺ ڌرمي تي قائم رهندي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، بعد ۾ عدالت ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.