نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالغفور ڪلھوڙو اغوا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار احسن علي کوسو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، واضح رھي ته جوابدار مٿان سال 2023 ۾ فريادي محمد عمر لاڙڪ پنھنجي پٽ سومر لاڙڪ جي اغوا جو ڪيس قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ڪرايو ھو، ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي سزا ٻڌائي وئي.