نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه عدالت حاضري تي ويندڙ نوجوان گوليون هڻي بي دردي سان قتل، هڪ ڄڻو زخمي، ان ڏس ۾ بالو جا قبا ٿاڻي جي حد بينظير پبلڪ اسڪول وٽ ٻن نامعلوم هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ تعلقي قاضي احمد جي ڳوٺ محمد صديق خاصخيلي جو رهواسي غلام عباس ولد علي حسن خاصخيلي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته فائرنگ ۾ حبيب الله خاصخيلي زخمي ٿي پيو، مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف مقتول جي وارثن محمد حنيف خاصخيلي ۽ ممتاز خاصخيلي موجب ته هڪ سال اڳ برساتي ٻوڏ دوارن ٻني مان گاهه ڪرڻ تان منع ڪرڻ تي منهنجي سئوٽ غلام عباس سان بااثرن جهيڙو ڪيو هو، بعد ۾ گاڏهي ڌر وارن ڳوٺ ۾ ٻڌايو ته اسان جو ڇوڪرو گم ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ انهن سان گڏ اسان به ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ ڳولا لاءِ نڪتاسين ۽ نينگر جو لاش ڳوٺ جي رستي وٽ مليو جنهن کانپوءِ گاڏهي ڌر منهنجي سئوٽ غلام عباس تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن جي شنوائي تي اڄ نوابشاهه جي عدالت ۾ غلام عباس، حبيب الله ۽ ذوالفقار موٽرسائيڪل تي اچي رهيا هئا ته اڳي ئي تاڙ ۾ بيٺل گاڏهي ڌر جي ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني،ٻي طرف واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.