نوابشاهه (بيورو رپورٽ) دھشتگردي ٽوڙ عدالت نواب ولي محمد ڀرسان ديھه ٻنڀائي ۾  12 فيبروري تي زمين جي تڪرار تان جھيڙي دوران قتل ٿيل پوليس سب انسپيڪٽر عبدالحميد کوسو جي قتل ڪيس جي ٽن جوابدارن اميد علي زرداري، برڪت علي زرداري ۽ منظور زرداري کي بري ڪري ڇڏيو، جڏھن ته جوابدارن مٿان 13 ڊي جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي کين 7 – 7 سال قيد ۽ 10 – 10 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.