نوابشاهه (رپورٽر) نوابشاهه جي تاج ڪالوني جي سرڪاري اسڪول ۾ ماستر وڏا وار رکندڙ شاگردن جا اڌ مٿا ڪوڙائي ڇڏيا، شاگردن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته استاد اسان جي مٿن کي پاڪيءَ سان چَتيون هڻائي تذليل ڪئي آهي، استاد کي اسان جا وار ننڍا ڪرائڻا هئا ته ڪنهن حجم کي گهرائي وٺي ها، وارن ۾ پاڪيءَ سان چَتيُون هڻي اسان جي تذليل ڪئي وئي آهي، اسان تي ٻيا ٻار ڇترون ٺٺوليون ڪري رھيا آھن، ٻارڙا شڪايتون ڪندي روئي ويٺا، ٻئي پاسي شاگردن جي والدين اسڪول پھچي دانهيو ته ھي ڪھڙو ظلم آھي، اسان ٻارڙن کي تربيت ڏيارڻ لاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ ڇڏيون ٿا، ٻيھر سرڪاري اسڪولن ۾ ڪير ٻار پڙھائيندو، اسان پرائيوٽ اسڪولن مان ٻار ڪڍي سرڪاري ۾ ڇڏيون ٿا ھتي ٻارڙن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، اھا ٻارڙن جي بيعزتي آھي، هوڏانهن هيڊ ماستر گلزار جو چوڻ آهي ته ٻارن جا وار ۽ ننهن وڏا ٿي وڃن ٿا، ڪيترائي ڀيرا والدين کي شڪايت ڪرڻ باوجود شاگردن وار ۽ نَنهن نٿا ڪٽرائين، ان ڪري سندن خلاف اهڙي ڪارروائي ڪئي آهي.