اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وڪيلن 26هين آئيني ترميم خلاف نه ڇڏينداسين جي نعري سان ملڪگير تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايڪشن ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ٿيل اجلاس ۾ وڪيل اڳواڻ منير اَي ملڪ، علي احمد ڪرد ۽ حامد خان، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر شرڪت ڪئي. منير اي ملڪ چيو ته ڪافي اڳوڻا صدر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. هن چيو ته عدليه جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلندي يا نه پر ٻڌائي ڇڏيان ته تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي. تحريڪ وڌائڻ لاءِ اجلاس ٿيو. منير اي ملڪ چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جا ميمبر، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي بارز کي متحرڪ ڪنداسين. وڪيلن جي وڏي طبقي 26 هين آئيني ترميم قبول ڪرڻ جو تاثر غلط آهي. پاڪستان بارز ٻين بارز سان گڏجي ريفرنڊم ڪرايو. 26 هين ترميم منظور يا نه منظور جو ريفرنڊم چئلنيج ڏيان ٿو. نيشنل ايڪشن ڪاميٽي 26 هين آئيني ڪميٽي جي خلاف درخواستن کي سپورٽ ڪري ٿي، اميد ته عدليه فرنٽ فٽ تي کيڏندي خاموش تماشائي نه ٿيندي. اسان عدليه سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهنداسين. ٻڌڻي جي وقت وڪيل عدالتن ٻاهران مناسب احتجاج ڪندا. منير اي ملڪ چيو ته شاگرد تنظيمن، مزدورن، کي به اِن تحريڪ ۾ شامل ڪيو ويندو. هي آئين ۽ بنيادي حقن تي حملو آهي. وڪيل اڳواڻ علي احمد ڪرد چيو ته اڄ اسان جي ايڪشن ڪاميٽي 2007 جي ڪاميٽي منير اي ملڪ کي چيئرمين چونڊيو آهي. مون کي خوشي آهي ته هن وڪيل تحريڪ جو ”نهي ڇڏاگي“ ”نه ڇڏينداسين“ نعرو آهي.