ايسٽ سوسيڪس(انٽريسٽنگ نيوز) اڄ اسين اوهان کي هڪ اهڙي رهائشي جڳهه جي باري ۾ ٻڌايو ٿا جتي اوهان بلڪل محفوظ،بنا پگهار ۽ قرض جي سڪون سان زندگي گذاري سگهو ٿا،هي ڪهاڻي يا افسانو ناهي پر هڪڙو ڳوٺ آهي جيڪو ايسٽ سوسيڪس انگلينڊ  ۾ واقع آهي،هي هڪ اهڙي جڳهه آهي جتي ٻار ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا استعمال ناهن ڪندا، نه انهن وٽ موبائل فون به نه آهن،هن ڳوٺ جو نالو ڊارويل آهي،جنهن ۾ 300 ماڻهو رهندڙ آهن،هن ڳوٺ جي ماڻهن اڌ صدي عام معاشري کان پري رهي ڪري گذاري آهي،ڊارويل هيسٽنگز جي علائقي جي ويجهو واقع آهي،هن ڳوٺ جا ماڻهو بنياد پرست عيسائيت جي گروپ سان تعلق رکن ٿا جنهن کي ”دي برڊرهوف چيو ويندو آهي،هتي جا ماڻهو اسڪول ۽ ڪاروبار پاڻ سنڀاليندا آهن، هتي جا ماڻهو ٻارن جا رانديڪا ۽ فرنيچر جو ڪم ڪري لکين رپين جي آمدني ڪمائين ٿا،دنيا جي ۾ “برڊرهوف جا 23 ٻيا به ڳوٺ آهن، جيڪي هڪجهڙي ئي زندگي گذارين ٿا.