ننگرپارڪر(ن پ ا) ننگرپارڪر جي سول سوسائٽي طرفان ٿر گيسٽ هائوس کان مسڪين جهان خان کوسو چوڪ تائين ناياب نسل جي هرڻن جي شڪار خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ، ريلي جي اڳواڻي غلام مصطفي دل ، پونم سنگهه ۽ موهن ميگهواڙ ڪئي . ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هفتي اندر مامچيرو ۽ پاٻاسرو ۾ ناياب نسل جا هرڻ شڪار ڪيا ويا پر شڪارين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي . جڏهن ته جهنگلي جيوت کاتو ناياب نسل جي هرڻن کي بچائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي . هنن چيو ته نوٽيس وٺي شڪارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.