ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر  لڳ ڳوٺ پورڻ واھه ۾ 20 سالا نوجوان موهن ولد لالجي ڪولهي وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، اهڙو اطلاع ننگرپارڪر پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته واقعو خودڪشي جو لڳي ٿو، نوجوان گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي ۽ شادي شدهه هو.