ننگرپارڪر(ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ مئو جي رھواسي 22 سالن جي نوجوان رميش پٽ رامسنگھو ڪولھي پنھنجي ساھرن جي ڳوٺ ڏوھاڻي جو وانڊيو ۾ ٻير جي وڻ ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، کيس ھڪ نياڻي جو اولاد ھو، ننگرپارڪر پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي، ننگرپارڪر پوليس صحافين کي ٻڌايو ته نوجوان جي مائٽن موجب ته سندس دماغي توازن درست نه ھو، مائٽن لکت ۾ ڏنو آھي ان ڪري ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آھي، لاش بغير پوسٽ مارٽم جي وارثن حوالي ڪيو ويو.