ننگر پارڪر (ن پ ا) ننگر پارڪر لڳ ڳوٺ مامچيرو ويجھو بي رحم نامعلوم شڪارين هڪ ناياب نسل جي هرڻ کي گولين جو کاڄ بڻاڻي ڇڏيو، شڪارين بندوقن سان فائر ڪري ھرڻ کي زخمي ڪرڻ بعد ذبح ڪري گاڏي ۾ وجھي پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن سوائي سنگھه، ڪاڇيو چترسنگهه گاڏي جي ٽائرن جي نشانن جا پيرا کنيا، ثبوتن ۾ ذبح ڪيل هرڻ جو رت گاڏي جي ٽائرن جا نشانن واقعي واري جڳهه تي مليا، ھرڻن جي شڪار جو اطلاع ڏيڻ باوجود وائلڊ لائيف کاتي جو ڪو به عملدار نه پھتو.