ننگرپارڪر (ن پ ا ) شالو ولد نهالو ڪولهي ۽ سندس زال ميڻسي زال شالو ڪولهي جا ڳوٺ ڀرسان تلاءَ جي پاسي ۾ ٻني ۾ ڄار ۾ وڻ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيا . ٻڌايو پيو وڃي ته ٻني تي ٻئي زال مڙس اڪيلا رهندا هئا ۽ گذريل ڏينهن زال مڙس ۾ ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو ۽ مڙس پاران مبينا مارڪٽ ڪرڻ تي زال دلبرداشته ٿي خودڪشي ڪئي جڏهن ته زال کي ڦاهو کاڌل ڏسي مڙس به خوف ۾ ساڳي وڻ ۾ ڦاهو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي کين ست معصوم ٻارڙن جو اولاد آهي جنهن ۾ هڪ پٽ ۽ ڇهه نياڻيون آهن . هوڏانهن واقعي واري اطلاع تي ننگرپارڪر پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش کڻائي تعلقه اسپتال منتقل ڪيا جڏهن ته وارثن طرفان واقعو اتفاقي قرار ڏيڻ تي پوليس طرفان ٻنهي لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بنا لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، هوڏانهن وارثن جو چوڻ آهي ته ٻئي زال مڙس ٻني تي هاري طور ڪم ڪندا هئا پاڻ ۾ گهرو اڻبڻت تان ٻنهي خودڪشي ڪئي آهي انڪري واقعو اتفاقي آهي اسان ڪابه ڪاروائي يا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نٿا چاهيون