ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڊهه ۾ ڳوٺاڻا سرڪاري پرائمري اسڪول جي بلڊنگ کي ڊاهي مٽيريل گهر کڻي ويا. ان ڏس ۾ ڳوٺ ڊهه جي رهواسين مبارڪ کاڙڪ ، منور کاڙڪ، مهار کاڙڪ ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته اسانجي ڳوٺ ڊهه ۾ اڻڄاتل ماڻهو گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ کي ڊاهي مٽيريل گهر کڻائي ويا آهن، هنن چيو ته اسان اهڙي درخواست ايس ايچ او ننگرپارڪر، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ۽ ٻين وس وارن کي ڏنيون آهن پر انهن جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هنن وزير تعليم سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري اسڪول جي بلڊنگ غيرقانوني ڊاهڻ جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.