ننگرپارڪر  (ن پ ا) ننگرپارڪر تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ سماجي تنظيمن جي سهڪار سان هلندڙ اسڪولن ۾ شڪراني جي ڏهاڙي جي مناسبت ڳوٺ ڏوڏي جو وانڍيو، سکپر، کاروڙو، اوڻ جو وانڍيو جي اسڪولن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون. ان موقعي تي شاگردن، استادن، والدين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنھن ۾ پاڪ فوج، ملڪ جي سلامتي ۽ يڪجهتي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. مختلف اسڪولن مان نڪتل ريلين ۾ شاگردن قومي جهنڊن، بينرن ۽ نعريبازي سان حب الوطني جو شاندار اظهار ڪيو. تقريبن ۾ سياسي اڳواڻن، سماجي ڪارڪنن، مقامي معزز ڳوٺاڻن ۽ عورتن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مهمانن پنهنجي تقريرن ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ نوجوانن کي ملڪ جي ترقي، امن ۽ يڪجهتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي تلقين ڪئي.