ننگرپارڪر(رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ سرڪار طرفان ننگرپارڪر ۾ ٿيندڙ جيپ ريلي جي ٽريڪ لاءِ قيمتي وڻ وڍي تباهه ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ ٻانڊو، موکئي ٿيٻا، جاني جي وانڊ، رڙياسر ۽ ٻين ڳوٺن ۾ جيپ ريلي جي ٽريڪ لاءِ قيمتي وڻ ڪنڊي، ڪونڀٽ، ٻاهوريون ۽ ٻيا وڻ وڍي تباهه ڪري ڇڏيا، ڪنڊي جو وڻ ٻڪرين ۽ رڍن جي چاري جو اهم ذريعو سمجهو وڃي ٿو، جڏهن ته گيم سينڪچري ايريا ۾وڻ وڍڻ غيرقانوني عمل آهي وڻ جهنگلي جيوت هرڻ روجهه جي آماجگاه بڻيل آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته 10 اپريل تي سنڌ سرڪار طرفان ڊزٽ جيپ ريلي منقعد ڪئي ويندي جنهن لاءِ لڳ ڀڳ سئو ڪلوميٽر تائين وڻ ڪٽي رستو ٺاهيو پيو وڃي، جڏهن ته علائقي واسين خادم حسين ٿيٻو، بهاول بلوچ ۽ ٻين وڻن جي واڍي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي هڪ تي قيمتي وڻ تباهه ڪيا پيا وڃن. ٻئي پاسي ريلي لاءِ رستو ٺهڻ تي جهنگلي جيوت هرڻ غيرمحفوظ ٿي ويندا، جڏهن ته جيپ ريلي جو اسان کي ڪوبه فائدو نه آهي اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي .