ننگرپارڪر(ن پ ا) ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل رات دير سان گجگوڙ سان برسات ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات گرمي جو زور ٽوڙي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڪري موسم خوشگوار آهي، جڏهن ته برسات 10 ملي ليٽر رڪارڊ ڪئي وئي، ننگرپارڪر سميت ڏانوڌاندل، ڪاسبو، گهرٽياري، سوراچند ۽ ٻين ڳوٺن ۾به وقفي وقفي سان هلڪي جاري رهي، جنهن ۾ ماڻهو لطف اندوز ٿيندا رهيا.