ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ مامچيرو م اربع واري رات جو دير سان نامعلوم شڪارين جھنگ ۾ گولين جو بک بنائي ناياب نسل جو ھرڻ ماري پان سان گڏ کڻي ويا، ڳوٺاڻن ڀوپٽ سنگهه، رامسنگهه ۽ ٻين ٻڌايو ته نامعلوم شڪارين رات جو دير سان اسان جي ڳوٺ جي سيم م ھڪ ھرڻ ماري پاڻ سان گڏ کڻي ويا آھن. ڳوٺاڻن چيو ته ھرڻ جو رت، گاڏي جي ٽائرن جا نشان، ٻن ماڻھن جي پيرن جا نشان ۽ گولين جا خول واقعي واري ھنڌ تان مليا آھن. ڳوٺاڻن چيو ته وائلڊ لائيف کاتو اگھور ننڊ ستل آھي. ٻي پاسي وائلڊ لائيف کاتي جي انچارج جو فون نمبر بند پيل ھو جنھن سبب ساڻس رابطو ٿي نه سگھيو هو .