ننگر پارڪر  (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ نينگري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو،  وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، خبر موجب ڳوٺ ويئل واسڻ 15 سالن جي ڀرمي ڌيءُ ڏيارام گهر ڀرسان وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگري پنهنجي گهر جي ٻارڙن سان گڏ ڪاٺيون ڪرڻ بهاني گهران نڪتي هئي ۽ ٻارڙن کي گهر واپس وڃڻ جو چئي پاڻ آپگهات ڪري ڇڏيو، خودڪشي ڪرڻ دوران ٻارڙن کيس ڏسي ورتو جن جي رڙين تي وارث پهچي نينگري کي هيٺ لاهي تعلقه اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته نينگري رستي ۾ فوت ٿي وئي، اطلاع تي ڏانوڌاندل پوليس پهچي لاش پوسٽ  مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، پوليس موجب کيس وارثن ٻڌايو آهي ته نينگري دماغي مريض هئي، جنهن کي مرگهي جا دورا پوندا هئا،