ننگرپارڪر ( ن پ ا ) ننگرپارڪر جي ڳوٺ سنڌوڙي ۾27 ورهين جي شنڪر پٽ راڻو ميگھواڙ ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، سندس سئوٽ رميش ٻڌايو ته منھنجي سئوٽ جو دماغي توازن درست نه ھو، 10 مھينا اڳ سندس شادي ٿي ھئي، ھن چيو ته اسان لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿا ڪرائڻ چاھيون، ٻي پاسي ننگرپارڪر پوليس ٻڌايو ته اسان اطلاع ملندي ئي واقعي واري ھنڌ پھتاسين ته لاش ديوي جي وڻ ۾ ٽنگيل ھو، پوليس ٻڌايو ته لاش کڻائي ننگرپارڪر اسپتال آندو، ايس ايس پي جي حڪم تحت لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.