ننگرپارڪر(ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڊاڀو سمان ۾ شادي تقريب ڪئنالن خلاف احتجاج ۾ بدلجي وئي ، ان ڏس ۾ موڙ پاتل گهوٽ  اعجاز سمون ، مولابخش سمون ، محمد حسن سمون ۽ عنايت الله سمون ڄاڃي شادي م نڪاح تي ايندي روايتي ڊانسن بدران سنڌو دريا تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا . گهوٽن ۽ ڄاڃين سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ، ڪئنال سمورا نامنظور بابت سخت نعريبازي ڪئي . جڏهن ته وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن تي گهوٽن جي اهڙن عمل جي ساڃاوندن ساراهه ڪئي وئي .