ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ هيرار ديدا ۾ سيٺ مرليڌر جي دڪان تي 5 هٿياربندن داخل ٿي 65 هزار روڪ رقم، سونا زيور ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو، جڏهن ته مزاحمت تي هٿياربندن دڪان جي مئنيجر گريش واڻيو کي تشدد بعد سندس هٿ پير ٻڌي فرار ٿي ويا، ٻي طرف ڏانوڌاندل پوليس موجب ڦر جو اطلاع مليو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون، هوڏانهن متاثر سيٺ مرليڌر جو چوڻ آهي ته منهنجي دڪان ۾ مئنيجر ويٺل هو، جتان لکين رپين جي ڦر ٿي آهي، آئون ڳوٺ هيرار وڃي رهيو آهيان.