ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڪويا انور نهڙي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو سول جج ننگرپارڪر جي دوري دوران 10 کان وڌيڪ تدريسي ۽ غير تدريسي عملو گذريل مختلف ڏينهن کان ڊيوٽي تان غائب هو، جن جون پگهارون ڪٽيون ويون آهن، سول جج جي رپورٽ تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ٿرپارڪر اسڪول جي اسٽاف جون پگهارون ڪٽي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون، جن جون پگهارو ڪٽيون ويون آهن انهن ۾ شهديو، محمد رفيق، نواز علي، ريوا چند، محمد جميل، وقار حسين، نهالچند، حسين بخش، امير علي، ۽ الجي چوڪيدار شامل آهن.