ننگرپارڪر (ن پ ا ) ننگرپارڪر جي مختلف ڳوٺن رامسر، ڀڳوجي ڍاڻي لنواري ، وينجهو جي ڍاڻي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ماتا جي بيماري وگهي 100کان مٿي رڍون مري ويون آهن ۽ وڏي تعداد ۾ رڍون بيمار آهن، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن هچو سنگھه، رجوير سنگھه منگل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته رڍون مري ويون آهن ڪير به ٻڌڻ لاءَ ناهي
لائيواسٽاڪ کاتي ٿر ۾ بيماري تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ڪي به اُپاءُ ناهن ورتا،ضلعي جي لائيو اسٽاڪ کاتي کي هر سال ملندڙ ڪروڙين روپين جي بجيٽ چوپائي مال کي بيمارين کان بچاءُ لاءِ ڪٿي خرچ ٿيندي نظر نه ٿي اچي، هنگامي بنيادن تي ٽيمون موڪلي رڍون بچايون وڃن