ننگرپارڪر (رپورٽ: فيض کوسو) ننگرپارڪر ۾ تعليم کاتي جي پت وائکي ، اسڪول ۾ گڏهه مري ويل حالت ۾ پيل ، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي . ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ اوڙها مار جي  منداري پاڙو جي پرائمري اسڪول ۾ گڏهه مري وڃڻ سبب اسڪول ۾ پيل ، ڳوٺاڻن اهڙو وڊيو وائرل ڪري ڇڏيو ، ان ڏس ۾ سوشل ميڊيا تي تبصرو ڪندي محمد رفيق دل، الهڏنو دل ۽ ٻين لکيو آهي ته اسڪول فعال هجڻ باوجود مقرر استاد گذريل ٻن سالن کان ڊيوٽي تي نه اچي رهيو آهي ، اسڪول جانورن جو آستانو بڻجي وئي آهي ، بيمار گڏهه اسڪول ۾ مري وڃڻ سبب اسڪول ۾ پيل آهي . هوڏانهن الزام هيٺ آيل استاد نور احمد ٿيٻو ٻڌايو ته پوليو جي ڊيوٽي ۾ هجڻ سبب اسڪول ڊيوٽي تي ناهيان ، اسڪول جي چوديواري به ناهي، ڳوٺاڻن جي انا سبب اسڪول کي بدنام ڪيو پيو وڃي . هوڏانهن ٽي او اشفاق سوڍو ٻڌايو ته اسڪول ۾ شاگرد نه هجڻ ءِ عمارت جي حالت بهتر هجڻ سبب مقرر استاد کي ٻئي اسڪول ۾ عارضي طور رکيو ويو آهي. جڏهن ته وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گڏهه مري ويل حالت ۾ اسڪول اندر نظر اچي رهيو آهي ، ڳوٺاڻن پاران لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪندي چيو آهي ته واقعي جي انڪواري ڪري ايماندار استاد ڏنو وڃي ، جيئن مستقبل جا معمار ٻار تعليم پرائي سگهن