لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پنجاب جي شهر ننڪانه صاحب ۾ بابا گرونانڪ جي 555 هين جنم ڏينهن جي رسمن ۾ شرڪت لاءِ ويل لاڙڪاڻي واسي واپاري راجيش روهڙا کي هڪ ڏينهن اڳ هٿياربند ڦورن ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو مڙهه ايمبولينس ذريعي لاڙڪاڻي شهر جي دڙي محلا ڳاڙهو بنگلو واري علائقي ۾ سندس رهائشگاهه تي آندو ويو،مقتول واپاري راجيش روهڙا جون آخري رسمون باقراڻي روڊ ۾ قائم هندئن جي مساڻ ۾ ادا ڪيون ويون،مقتول جي ڀاءُ نريش ڪمار موجب ڀاءُ جي واقعي بعد پنجاب پوليس سميت لاڳاپيل عملدار اسان سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ هلي رهي آهي،ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي آهي.  هن مطالبو  ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي،هوڏانهن واقعي بابت هندو پنچائت لاڙڪاڻو جو ڪٺ چيئرمين هريش لال جي صدارت اڄ هندو ڌرم شالا ۾ ٿيندو، جنهن ۾ واقعي جي مختلف رخن جو جائزو وٺي مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.