نَنڍپڻ جي تَجربن خاص طور تَنقِيد ۽ شُروعاتي ناڪاميءَ سبب ماڻھو اھڙي مِزاج جا ٿي وڃن ٿا، جو اُھي پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪنھن قِسم جي تَبديلي آڻڻ جي لائق نه ٿا رھن. اِھڙن ماڻھن جي اَوسي پَاسي ڪيتريُون ئي تبديليُون ٿينديُون رھنديُون آھن، پر اُھي اِحساس جي ھڪ اھڙي ڦَندي ۾ ڦَاٿل ھُوندا آھن، جو اوڏانھن سندن نظر ئي نه پوندي آھي. اُھي اِھو سَمجهي ٿا ويھَن ته پنھنجن زندگين کي بدلائي ھُو ان ۾ ڪا بھتري آڻي ئي نٿا سگهن. سندن سَوچ اھڙي ٿي ويندي آھي جو ھُو سَمجهڻ لڳندا آھن ته اُھي وڌيڪ ڪُجهه سِکي نٿا سگهن ۽ ڪو ھُنر سکڻ جي صَلاحِيت ته ھُنن ۾ آھي ئي ڪونه، پر جيڪڏهن ھُو پَنھنجي زندگيءَ ۾ ٿوري گهڻي بَدل سَدل ڪري ڏسن ته سندن مُستقبل گَهڻو بھتر ٿي سگهي ٿو. (فيس بوڪ تان ورتل)