ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ ضمانت نه ٿيڻ جوڳو ڏوهه: 7 سال قيد، 10 لک ڏنڊ:بل سينيٽ مان منظور

0
32
سينيٽ ۾ سنڌ طاس معاهدي تي بحث: ڀارت پاڻي روڪي ته ميزائلن سان رنڊڪون تباهه ڪيو: اپوزيشن
سينيٽ ۾ سنڌ طاس معاهدي تي بحث: ڀارت پاڻي روڪي ته ميزائلن سان رنڊڪون تباهه ڪيو: اپوزيشن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ اسلام آباد ۾ ننڍي عمر جي شادي تي پابنديءَ جو بل منظور ڪري ورتو. جميعت علماءِ اسلام ف بل جي مخالفت ڪئي ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. جڏهن ته سينيٽ ان بل سوڌو ست بل منظور ڪري ورتا، مختلف ترميمن جا اٺ بل پيش ڪميٽين حوالي. تفصيل موجب ڪالھه سينيٽ جي ايوان مختلف ترميمن جا ست بل منظور ڪري ورتا آھن منظور ٿيل بلن ۾ ٽريڊ آرگنائيزيشن ترميمي بل، گهرڪي سائنس ٽيڪنالاجي اسٽيٽيوٽ جي قيام جو بل عالمي امتحان بورڊ جو بل ,موٽر وهيڪل ترميمي بل ۽ ننڍي عمر ۾ شادين تي پابندي جو بل شامل آھن، سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر شيري رحمان قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل  ننڍي عمر جي شادي جي روڪٿام لاءِ بل  سينيٽ ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو ، جنهن کي اڪثريت راء سان منظور ڪيو ويو  بِل مطابق ٻار جي تعريف 18 سال کان گهٽ عمر جو ڇوڪرو يا ڇوڪري آهي. نڪاح خوان ڪو اهڙو نڪاهه نه پڙهائيندو جِتي هڪ يا ٻئي ڌريون 18 سال کان گهٽ عمر جون هجن. نڪاح خوان يقيني بڻائيندو ته ٻنهي ڌرين وٽ نادرا جو شناختي ڪارڊ موجود آهي جنهن تي اُن جي پئدائش واري تاريخ لکيل آهي. خلاف وري ڪرڻ تي نڪاح خوان کي هڪ سال قيد ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ ٿي سگهي ٿو. 18 سالن کان مٿي جو مرد جيڪڏهن ٻارڙي سان شادي ڪري ٿو ته ان کي ٽن سالن تائين قيد بامشقت ٿيندي. 18 سال کان اڳ گڏ رهڻ کي ٻارڙيءَ سان زيادتي تصور ڪئي ويندي. جيڪو شخص ڪنهن ننڍي عمر جي ڪنوار يا گهوٽ کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪندو اُن تي ست سالن تائين قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ هوندو. جيڪڏهن ڪو شخص ٻارڙي کي شادي جي ارادي سان ٽريفڪنگ ڪندو ته ان کي ست سالن تائين قيد ۽ جرمانو به ٿيندو. جيڪڏهن والدين يا وارث ٻار جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪري يا اُن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي ته اُن تي ٽن سالن تائين سخت پورهئي سان سزا ۽ ڏنڊ هوندو. جيڪڏهن عدالت کي علم هجي ته ننڍي عمر جي ٻارن جي شادي ڪئي پئي وڃي ته هو اهڙي شادي روڪڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪندو. جيڪڏهن عدالت کي اطلاع ڏيڻ واري ڌر پنهنجي شناخت لڪائڻ چاهي ته عدالت اُن کي تحفظ ڏيندي. ننڍي عمر جي ٻارن جي شادي ڪرائن جو ڏوهه ناقابل ضمانت هوندو. ڪورٽ ڪيس جي ڪاروائي 90 ڏينهن ۾ مڪمل ڪندي. سينيٽر ڪامران مرتضي بل جي مخالفت ڪندي چيو ته پهريان ان بل بابت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان راءِ وٺڻ گهرجي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته هن بل جو مذهب سان ڪو تعلق ناهي. توهان 18 سالن کان اڳ ٻارڙين جي شادي نٿا ڪرائي سگهو. ننڍي عمر سبب ٻارن کي غذائي کوٽ ۽ صحت جا مسئلا ٿين ٿا، ننڍي عمر واريون نياڻيون زچگي دوران فوت ٿي وڃن ٿيون. هي بل پهريان به سينيٽ متفقه طور تي منطور ڪيو هو، هاڻي هي بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿي آيو آهي.