ننڍي کنڊ گھايل ڌرتيءَ مٿان ھڪ ڀيرو ٻيھر جنگ جا بادل گجگوڙ ڪري رھيا آھن. پاڻ ان سلسلي ۾ “پاڪ- ڀارت” وارو اھو محاورو به استعمال ڪري ٿي سگھياسين، جيڪو ڪافي وقت کان وٺي موديءَ واري ڀارت کي بنهه نه ٿو وڻي پر ھن ڀيري پاڪ- ڀارت جنگ جي انديشن جا پاڇا ان بنگلاديش جي مٿان به پئجي رھيا آھن، جتي ھن مھل ھڪ عجيب غريب سرڪاري سيٽ اپ آھي. اھو بنگلاديش، جنهن جي چونڊيل ۽ ھٽايل سابق وزيراعظم ڀارت جي پوشيده پناھگير بڻيل آھي. جڏھن ته عام طور تي پوري دنيا ۽ خاص طور تي پورو ايشيا نه ته گھٽ ۾ گھٽ ڏکڻ توڙي اوڀر ايشيا ۽ خاص طور تي وچ اوڀر جا عرب ملڪ ته ايران سميت ساھ روڪي ان جنگي سياست جون چالون تڪي رھيا آھن، جنهن ۾ موديءَ جو موڊ چڙيل ۽ چڙھت وارو آھي. جيتوڻيڪ ميڊيا پنهنجي محدود آزاديءَ سان جنگ جي انديشن ۽ امن جي امڪانن جو تاڃي پيٽو پيش ڪري رھي آھي. جڏھن ته جنگ جي ماحول ۾ پھريون وار ميڊيا جي آزاديءَ مٿان ھوندو آھي. اھوئي سبب آھي ته ٻنهي ملڪن جي سرڪار مخالف ميڊيا به پنهنجن حڪمرانن مٿان تقيد نه ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪافي حد تائين مجبور آھي. ان مجبوريءَ جو سلسلو سوشل ميڊيا کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي چڪو آھي. ڇو ته سوشل ميڊيا جا نجي چينل به ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ واري ليڪي جي ھڪ پاسي بيھڻ تي مجبور آھن.
اسان جي ملڪ جا اھي يوٽيوبر جيڪي 9 مئي واري سياسي سانحي کان پوءِ تحريڪ انصاف سان قربت رکڻ سبب ملڪ کان ٻاھر پاڻمرادي جلاوطني اختيار ڪري ويٺا آھن، انهن کي ھن وقت پنهنجي ملڪ جي حمايت ۽ حڪمرانن جي مخالفت وچ ۾ ھڪ نازڪ توازن اختيار ڪرڻو پوي ٿو. جڏھن ته پاڪستان ۾ موجود جونيئر ته ڇا پر سينئر صحافي به ڀارت مخالف پروگرامن ۾ پنهنجين دلين مان نه ته دماغن مان اھي دليل پيش ڪري رھيا آھن، جن کي ھو ماضيءَ ۾ پاڻ به تسليم نه ڪندا ھئا ۽ نه وري مستقبل ۾ انهن جي مالڪي ڪندا. جيڪڏھن ڀارت ۾ رھندڙ ۽ پاڻ کي آزاد آواز جو مالڪ صحافي سڏائيندڙ ڪرن ٿاپر به ان حد تائين موديءَ جي سائيڊ کڻي سگھي ٿو ته پوءِ اسان جي نجم سيٺيءَ مٿان ڪھڙي ميار؟ جنگ جو ماحول ھونءَ به تمام گھڻو ڪجھ تبديل ڪري ڇڏيندو آھي. ان مان سمجھڻ گھرجي ته جيڪڏھن جنگ جا امڪان ان حد تائين ماحول کي متاثر ڪري سگھن ٿا ته جنگ ڪيتري نه گھاتڪ ٿي سگھي ٿي!!؟
جنگ کي عام طور تي انسان دشمن ته قرار ڏنو ويندو آھي ۽ روس جي عظيم ناول نگار ليو ٽالسٽاءِ کان وٺي برطانيا جي مشھور مفڪر برٽرانڊ رسل تائين مجموعي طور تي علم ۽ عقل وارا ماڻھو جنگ جي جائز طرح سان مخالفت ڪندا آھن ۽ انهن کان متاثر ميڊيا پرسنس به پنهنجن جائزن ۾ اھي دليل بار بار پيش ڪندا آھن ته جنگ مان ڪنهن کي به فائدو نه پوندو آھي، سواءِ انهن ڪمپنين جي، جيڪي ھٿيار ٺاھينديون ۽ وڪڻنديون آھن. ھن وقت آمريڪا ۽ يورپ جي ڪرندڙ معاشي صورتحال پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ سبب ڪجھ بهتر ٿي رھي آھي. ڇو ته ٻنهي ملڪن ۾ بري، بحري ۽ ھوائي فوجون پاڻ کي تيار، تازو ۽ توانو رکڻ جي لاءِ جنگي مشقن ۾ مصروف آھن. يوٽيوب چينل جنگ جي ماحول سبب مشھور ٿيڻ جي لاءِ جنگ جو جنون به وڌائي رھيا آھن ۽ ڪوشش ڪري رھيا آھن ته ھو ڪنهن طرح سان امن جي امڪانن کي گھٽائي ۽ جنگ جي انديشن کي وڌائي پيش ڪن ته جيئن انهن جي ويوئرشپ سرس ٿي سگھي پر اھا حقيقت آھي پنهنجين نڙين کي مرلين کان پوري شدت سان وڄائڻ باوجود به ھو پنهنجن پنهنجن ملڪن جي ڏسندڙ جو انگ گھڻي حد تائين وڌائڻ جي سلسلي ۾ سوڀ حاصل ڪري نه سگھيا آھن. ڇو ته ھن مھل تائين ٻنهي ملڪن جي عوام جو موڊ جنگ جي طرف مائل نظر نه ٿو اچي.
ننڍي کنڊ جي وڏي آبادي ھن مھل ڀارت جي باغي رائٽر ارون ڌتي راءِ جي ان سوچ سان سھمت نظر اچي رھي آھي ته پاڪستان توڙي ڀارت جا حڪمران جنگ ڪرڻ کان وڌيڪ جنگ جون ڳالھيون ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪندا آھن. جڏھن ته اسان جي ملڪ جي سرڪار ڪنهن به سطح تي جنگ جي امڪانن کي وڌائي پيش ڪرڻ يا پنهنجي پاران خار ۾ ڀرپور خطرناڪ بيان ڏيڻ کان ھر ممڪن حد تائين پاسو ڪري رھي آھي ۽ جنگ جو واضح اعلان ته ھن مھل تائين ڀارت به نه ڪيو آھي پر موديءَ جھڙي طرح پنهنجي فوجي قيادت کي موڪل ڏئي ڇڏي آھي ۽ ڀارتي شاھراھن مٿان جديد جنگي جھاز لھڻ ۽ اڏامڻ جون مشقون ڪري رھيا آھن ۽ ڀارتي سرڪار جا ٽاپ ھمراھ پرڏيھي دورا ملتوي ڪري پنهنجي ملڪ اندر موجود آھن، ان مان اھو تاثر پختو ٿي رھيو آھي ته ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ ايمرجنسيءَ جھڙي صورتحال موجود رکڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. جڏھن ته ٽرمپ جي حڪمرانيءَ وارو آمريڪا ھڪ طرف ڀارت کي امن جون صلاحون به ڏئي رھيو آھي، ٻي طرف ھن جي لاءِ محدود حملن جون امڪاني اجازتون به پيش ڪري رھيو آھي. جڏھن ته عالمي طاقتن کي پوءِ به ٻنهي ملڪ جي ايٽمي ھٿيارن سبب جائز طرح سان خوف به آھي. جنگ جي ھن ماحول ۾ پاڪستان سان چين ھڪ ڀيرو ٻيھر ان ساٿ جو مظاھرو ڪري رھيو آھي، جنهن جو امڪان ممڪن آھي ته ڀارت ھن دفعي پنهنجي دفاعي تجزئي ۾ ان طرح سان شامل نه ڪيو ھجي. جيڪڏھن چين جنگ جي صورت ۾ پاڪستان جي مدد ڪري ٿو ته پوءِ ڀارت کي اھو به سمجھڻ گھرجي ته روس چين جي مخالفت ھرگز نه ڪندو. ھونءَ به روس کي ڀارت ۽ آمريڪا جي ويجھڙائي ڪافي وقت کان نه ٿي وڻي.
جنگ جو ماحول صرف جنگي ھٿيار ٺاھيندڙ ڪمپنين ۽ انهن جي مارڪيٽنگ ڪندڙ قوتن جي مفاد وٽان نه ھوندو آھي پر جنگ جو ماحول ملڪن جي اندر سياسي پارٽين لاءِ مفاد جا درواز کولڻ ۾ ڪافي اھم ڪردار ادا ڪندو آھي. اھوئي سبب آھي ته پاڪستان پاران پھلگام واري واقعي کان پوءِ پيدا ٿيل پاڪ- ڀارت جنگي ڇڪتاڻ سبب ان پارٽيءَ مٿان ھٿ ھلڪو ٿيڻ شروع ٿيو آھي، جيڪا 9 مئي کان پوءِ گذريل ٻن سالن کان وٺي شديد جبر جو شڪار رھي آھي. ھن وقت جڏھن تحريڪ انصاف جي باندي اڳواڻن لاءِ عدالتي انصاف ملڻ جو سلسلو شروع آھي ته ان صورت ۾ ملڪ جي مشھور قيديءَ جي آزاديءَ جا امڪان به ڪافي حد تائين وڌي ويا آھن. ظاھر آھي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جنگي ماحول جي دوران ملڪ ۾ سياسي بحران افورڊ ڪري نه ٿي سگھي. ان حوالي سان اسان اھي لفظ لکي سگھون ٿا ته جھڙي طرح پاڪ- ڀارت جنگي ماحول سبب تحريڪ انصاف کي ڪجھ فائدو پيو آھي، تهڙي طرح پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ جا مسلم ليگ (ن) جي سياست مٿان نقصانڪار اثر پيا آھن. ڇو ته ميان نواز شريف پاڻ کي انڊو پاڪ امن جي علامت بڻائي پيش ڪندو رھيو آھي. ڪانگريس جي موجوده قيادت سان پيپلز پارٽيءَ جا ڀلي ناتا رشتا ماضيءَ وارا نه ھجن پر ڀارتيا جنتا پارٽي يعني بي جي پيءَ جي قيادت سان ميان نواز شريف جي مثالي ويجھڙائي رھي آھي. اٽل بهاري واجپائيءَ کان وٺي نريندر موديءَ تائين ان مسلم ليگيءَ سان شدت پسند ھندو پارٽيءَ جي مترتا رھي آھي، جنهن جي خلاف ڀارت جا مسلمان اداڪار به دانهون ڪن ٿا. جڏھن ته ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان اھڙو ڪو قدم کڻڻ جي لاءِ تيار نه ھوندا آھن، جنهن سان بي جي پي ناراض ٿئي. ميان نواز شريف لاءِ ڀارت نه صرف بي جي پي پر ڀارت جي دفاعي بيروڪريسي ۾ به ايترو نرم گوشو آھي، جو اڄ به به ڀارتي چينلن تي اھو چوندي ٻڌا ويندا آھن ته، “ميان صاحب جو مطلب صرف ميان نواز شريف آھي. باقي شھباز شريف کي ته اسان شھباز شريف جي نالي سان سڏيندا ۽ سڃاڻندا آھيون” جڏھن ته پريم جي ان پيچري تي بي جي پي تنها ناھي. ميان نواز شريف به ان رستي تي مشڪل ۽ ڊگھا پنڌ ڪيا آھن. اھوئي سبب آھي ته پھلگام واري واقعي کان پوءِ ھن مھل تائين ميان نواز شريف ھڪ به ڀارت مخالف سڌو ۽ سخت بيان جاري نه ڪيو آھي. مسلم ليگ (ن) پنهنجي قائد جي ان ادا کي پاڪ- ڀارت امن جي آخري اميد قرار ڏئي ٿي.
پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ مان پيپلز پارٽيءَ جي موجوده چيئرمين تمام گھڻو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر ھن کي ڪنهن نه سمجھايو ته ھي 21ھين صديءَ جو ٽيون ڏھاڪو آھي. ان مان اھڙا سياسي فائدا حاصل ڪرڻ ممڪن ناھن، جيڪي گذريل صديءَ جي پنجين، ڇھين ۽ ستين ڏھاڪي مان ممڪن ٿي سگھيا. پيپلز پارٽيءَ پوري ڪوشش ڪئي ته ھن کي ڪئنال اشو سبب جيڪو سياسي نقصان ٿيو آھي ۽ ھوءَ جھڙي طرح سنڌ ۾ سياسي خواريءَ ۽ وفاق ۾ سياسي ناڪاميءَ کي منهن ڏئي رھي آھي، ان کي سنڌو طاس جي حوالي سان ڀارت مخالف بيانيي سبب پنهنجي فائدي ۾ ڦيرائي. اھوئي سبب ھو ته پ پ قيادت سنڌو نديءَ ۾ پاڻي نه وھڻ جي صورت ۾ خون وھڻ جھڙا بيان به جاري ڪيا پر “پھگام بهانو ۽ سنڌو دريا نشانو” واري نعري جو تير شڪار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھن مھل تائين ڪاميابيءَ جا پنڌ پڇي رھيو آھي.
اھا حقيقت آھي ته ننڍو کنڊ وڏي جنگ جو بار کڻي نه ٿو سگھي. پر تاريخ جي تلخ سچائي اھا به آھي ته ننڍو کنڊ ڪڏھن به مڪمل طور تي جنگ جي امڪان کان آجو ٿي نه سگھيو آھي. ڇا ننڍي کنڊ جو اھو ابدي مقدر آھي ته ھن مٿان جنگي خوف جي تلوار سدائين لڙڪندي رھي؟ ڇا ننڍو کنڊ سدائين “امن جي آشا” لاءِ سوچيندو ۽ سڪندو رھندو؟
“جنگ تو خود ھي ايڪ مسئله ھي
جنگ ڪيا مسئلون ڪا حل ديگي؟“
ڇا ننڍو کنڊ ساحر لڌيانوي جي اھڙن شعرن جي ٽٽل شيشن مٿان سفر ڪندو رھندو؟
ڇا امن جي منزل رڻ ۾ رڙ آھي!!؟