ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سٺي صحت لاءِ هر رات ڪيترا ڪلاڪ ننڊ ضروري آهي. حقيقت ۾ تحقيق جا نتيجا حيران ڪندڙ آهن، ڇو ڪو ننڊ جي مثالي مُدي جو دارومدار ان ڳالهه تي ٿئي ٿوته توهان ڪٿي رهندا آهيو؟ اها ڳالهه ڪينڊا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق م سامهون آيوآهي، برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ 20 ملڪن سان تعلق رکندڙ لڳ ڀڳ 5 هزار ماڻهن جي ننڊ ۽ صحت جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو آهي. تحقيق م معلوم ٿيو ته سٺي صحت لاءِ هر رات ننڊ جو مثالي مُدو مختلف ثقافتن ۾ نمايان حد تائين مختلف آهي. حقيقت ۾ نتيجا ان عام خيال جي نفي ڪن ٿا ته سڄي دنيا ۾ هر فرد کي سٺي ننڊ لاءِ هڪ جيترو مُدو يعني 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ جي ضرورت هجي ٿي. نئين تحقيق ۾ اڳوڻين تهققي رپورٽن جي نتيجن جي تصديق ڪئي وئي آهي ته هر ملڪ ۾ننڊ جو سراسري مُدو مختلف ٿئي ٿو. مثال طور جاپان ۾ ننڊ جو سراسري مدو 6 ڪلاڪ 18 منٽ، فرانس ۾ 7 ڪلاڪ 52 منٽ، جڏهن ته ڪينيڊا ۾ 7 ڪلاڪ 27 منٽ آهي. محققن ٻڌايو آهي ته عام طور تي هر ماڻهوءَ کي هر رات 8 ڪلاڪ ننڊ جي صلاح ڏني ويندي آهي پر اسان جي تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو ته هر فرد لاءِ ننڊ جو بهترين دورانيو مختلف ٿي سگهي ٿو. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جن ملڪن ۾ ماڻهو سراسري طور گھٽ ننڊ ڪرڻ جا عادي هجن ٿا انهن جي صحت متاثر ٿيڻ جا ثبوت ناهن مليا. محققن موجب جن ماڻهن جي ننڊ پنهنجي ثقافت موجب هوندي آهي، انهن جي مجموعي صحت بهتر هوني آهي. ان جو مطلب اهي ننڊ جو ڪو مثالي دورانيو اهو آهي جيڪو توهان جي ثقافت جو طئه ڪيل هوندو آهي. تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته سمورن 20 ملڪن ۾ ماڻهو عام طور پنهنجي ثقافت جي مثالي دورانيي کان هڪ ڪلاڪ گهٽ سمهڻ جا عادي آهن. ان تحقيق جا نتيجا جرنل آف پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۾ شايع ٿيا آهن.