ننڊ ۽ بهتر مستقبل جو تعلق

0
52
ننڊ ۽ بهتر مستقبل جو تعلق

  ننڊ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي صحت ۽ تندرستي جو سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ڪيل باب آهي ۽ هيءَ اها شئي آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ لا  ماڻهون هروڀرو لنوائيندا آهن. تندرستي جا شوقين ماڻهو خوشيءَ سان ورزش جي منصوبن، خوراڪ، سپليمينٽ ۽ ورزش جي سامان جي وٺ وٺان ڪري پيسو ۽ وقت وڃائيندا آهن. وري جڏهن هو رات جو گهر وڃي دير تائين ٽي وي ڏسي سوچيندا آهن ته کين سٺي ننڊ ڇو نه پئي اچي. پر ماهر چون ٿا ته اوهان جو هنڌ تي گذاريل وقت بيشمار فائدن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پر هو ان ڳالهه کان ناواقف هوندا آهن. جيڪي ماڻهو ننڊ جي وقت ۾ اضافو نه ٿا ڪري سگهن، انهن کي ننڊ جي فائدن جي ڪا خبر ئي ناهي، ۽ هو ان جي فائدن کان وانجهيل آهن. مثال طور ننڊ سان بک جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ڌيان واري سوچ کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. مزاج ۽ مدافعتي نظام کي بهتر کان بهتر ڪري سگهجي ٿو.

                 رانديگر عام ماڻهن جهڙي زندگي ناهن گذاريندا، ان ڪري هو روزانو 8 ڪلاڪ هر صورت ۾ ننڊ کي مڪمل ڪندا آهن، جنهن سان ئي سندن بهتر زندگي نظر ايندي آهي. ريڊ هل جي رانديگر ۽ بي ايم ايڪ جي ماهر ڪيرن ريلي جو چوڻ آهي ته ننڊ منهنجي لا هڪ تمام وڏي شئي آهي، مان ان نعمت کي سالن تائين نظر انداز ڪندو آيو آهيان. پر جڏهن مان ننڊ سولي نموني ڪرڻ شروع ڪئي ته مان پنهنجي توانائي کي بحال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي. باقي دنيا لاءِ ننڊ هميشه ترجيح ناهي رهي ۽ رات جو 8 ڪلاڪ ننڊ هڪ افساني جيان هوندي آهي. برطانيا جي مشهور ٽرينر جو وڪس جو چوڻ آهي ته هر ماڻهو کي پنهنجي ننڊ کي ٻين ڪمن تي ترجيح ڏيڻ گهرجي، جڏهن اوهان سٺي ننڊ ڪريو ٿا ته پوءِ اوهان کي کاد خوراڪ ۽ ورزش ٿوري آسان بڻجي ويندي آهي. ان لاءِ اڄ جي دور ۾ فون ان ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، ان ڪري اوهان بهتر ننڊ ڪرڻ لاءِ پنهنجي فون کي بيڊ روم کان ٻاهر رکو ۽ هڪ گهنٽي رکي ڇڏيو، ڇو جو رات جو فون اوهان کي ڊسٽرب ڪندو آهي، يا وري اوهان گهڙي گهڙي ان کي چيڪ ڪرڻ لاءِ اٿندا آهيو ۽ صبح جو هڪ ڪلاڪ دير تائين سمهيا پيا هوندا آهيو، ان سان اوهان ننڊ جي وقت ۾ خلل کي محسوس ناهيو ڪندا، پر اوهان جو دماغ ۽ جسم انهن شين سان متاثر ٿيندو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڊ جي باقاعدگي انتهائي ضروري آهي، اوهان سمهڻ ۽ جاڳڻ جي مقرر ڪيل وقت کي باقاعده مڪمل ڪريو. “سليپ هيلٿ جنرل” جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، “صحت، حفاظت ۽ ڪارڪردگي” انتهائي ضروري آهي. جڏهن اوهان ڪنهن آفيس جي ڪم ڪار جي حوالي سان پوري هفتي ۾ ننڊ پوري نه ٿا ڪري سگهو ته پو اوهان موڪل واري ڏينهن تي اها ڪسر مڪمل اضافي ننڊ ڪري پوري ڪري سگهو ٿا. ان سان اوهان جي صحت بهتر رهندي. ننڊ ايتري ضروري ڇو آهي؟ جي سوال تي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جو سبب اوهان جي جسماني گهڙي (Circadian rhythm) آهي. جسم جي اها اندروني گهڙي اوهان جي جسم جي هر عضوي ۽ نظام سان جڙيل هوندي آهي. بي قاعده ننڊ ان رڌم ۾ خلل وجهي جسم جي توازن کي بگاڙي ڇڏيندي آهي. اسان جي اندروني نظام کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. ٿڪاوٽ پيدا ڪندي آهي، ڊپريشن ۽ دل جي بيمارين ۾ اضافو ڪندي آهي. “دي سليپ سائنٽسٽ” جي باني ڊاڪٽر سوفي هوسٽاڪ صلاح ڏئي ٿي ته سمهڻ کان 8 ڪلاڪ پهرين ڪيفين جو استعمال نه ڪريو. ۽ سمهڻ کان گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪلاڪ پهرين کائڻ پيئڻ کان پاسو ڪريو. ڪيفين جا انتهائي خطرناڪ اثر هوندا آهن، جن جي اوهان کي ڪا خبر ئي ناهي هوندي. ڊاڪٽر هوسٽاڪ جو چوڻ آهي ته خوراڪ اسان جي جسم کي اهو اشارو ڏيندي آهي ته ان کي اڃان هڪ ٻيو ڪم ڪرڻو آهي. يعني ماني هضم ڪرڻي آهي، جيڪڏهن ماني هضم نه ٿيندي ته ان لا ننڊ اوهان جي ويجهو ئي نه ايندي. ان لاءِ وري اوهان کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي يا وري ننڊ جي ڪا گوري کائڻي پوندي. فون ننڊ جو وڏو دشمن آهي، پهرين خيال اهو هو ته فون جي اسڪرين مان نڪرندڙ تيز روشني اوهان جي ننڊ خراب ڪري رهي آهي. پر تازي رپورٽ ۾ ان کي رد ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته فون اوهان ۽ ننڊ وچ ۾ پوري رات جو دشمن آهي. 2024 جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪنالاجي جا ٻيا اوزار به اوهان جي ننڊ ۾ خلل وجهي سگهن ٿا. اڪثر ماڻهو پنهنجي بيڊ روم مان بهترين ننڊ لاءِ ٽيڪنالاجي جي اوزارن کي هٽائي ڇڏيندا آهن، جيڪو بهتر عمل آهي، ان جي روشني اوهان لاءِ فائديمند ناهي هوندي. پر ٽيڪنالاجي ته مستقبل ۾ به رهندي، اوهان کي ان جي نقصان کي گهٽائڻو پوندو. ان لاءِ اوهان ٽيڪنالاجي استعمال ڪريو پر سمهڻ جي مقرر وقت کانپوءِ استعمال نه ڪريو.

قدرتي روشني اسان جي اختيار ۾ سڀ کان طاقتور زيٽ گيبر آهي. ڊاڪٽر هوسٽاڪ جو چوڻ جيستائين ممڪن ٿي سگهي ته جاڳڻ کان فورن پوءِ پاڻ کي ڪافي مقدار ۾ قدرتي روشني اندر رکڻ انتهائي ضروري آهي. ڏينهن جي وقت ۾ روشني واري علائقي ۾ ڪم ڪرڻ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ سمهڻ کان 2 ڪلاڪ پهرين پنهنجي گهر جي روشنين کي صفا ئي هلڪو ڪري ڇڏيو. جرنل آف سپورٽس ميڊيسن اينڊ فزيڪل فٽنس ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ننڊ کي بهتر ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا ٻڌايا ويا آهن. ان ۾ چيو ويو آهي ته ان لاءِ پهرين اوهان پنهنجي بيڊ روم کي پرسڪون ۽ ٿڌو رکو، سمهڻ کان پهرين پرسڪون سرگرميون ڪرڻ انتهائي ضروري هونديون آهن، ان سان اوهان کي ٽينشن کان پاڪ ننڊ نصيب ٿيندي آهي ۽ ڊپريشن کان به اوهان بچي ويندا آهيو. ايتري ننڊ ضرور ڪريو جو اوهان کي پاڻ ئي جاڳ ٿي وڃي. ان لاءِ اوهان کي گهنٽي جي ضرورت ئي نه پوي ۽ آرام ڪرڻ جي ٽيڪنيڪ سکڻ انتهائي ضروري آهي. انهن ٽيڪنيڪس ۾ اوهان کي بهتر ننڊ لاءِ ڊائري لکڻ ضروري آهي. ان لاءِ اوهان ٻئي ڏينهن لاءِ فوري ايڪشن پلان لاءِ تيار ڪيل لسٽ مان فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا. اهي سڀ شيون اوهان کي پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ جو احساس ڏيارينديون آهن. هر خيال تي غور ڪريو، ان کي اهڙي نموني بيان ڪريو ته جيئن اهو صرف اوهان جي دماغ ۾ نه پيو گهمي ۽ پوءِ اڳتي وڌو. ان سان اوهان جي وقت جي بچت ٿي ويندي آهي. ان قسم جي طريقن واري ننڊ سان اوهان کي ورزش جو وقت ملي ويندو آهي، اوهان جي صحت بهتر رهندي آهي. جيڪڏهن اهي سڀ شيون اوهان کي بهتر ننڊ سان ملي سگهن ٿيون ته پوءِ اوهان جي گهر جو ماحول بهتر رهندو، ٻار به اوهان جي اهڙن طريقن تي هلڻ شروع ڪندا ۽ هو وري اسڪول يا ڪاليج ۾ ٻين کي به اهڙا طريقا سيکاريندا. مطلب ته اوهان جي بهتر ننڊ واري فارمولي سان اوهان جي زندگي سان گڏ پوري سماج ۾ به بهتري اچي سگهي ٿي. ان ڪري پوري ۽ پرسڪون ننڊ ڪريو ۽ پنهنجي مستقبل کي بهتر بڻايو.