نندوشھر(رپورٽ: خادم ميمڻ) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوٽريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو، حسين درس، رشيد گوپانگ، خدا ڏنو شاھ، ابراهيم بليدي، سانول گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن ٿر ڪوئل باءِ پاس روڊ کان پيادل مارچ ڪري ننڍو شهر جي شاهه نواز چوڪ تي پھتو ته جلسي عام جي صورت اختيار ڪري ويو. واپارين، آبادگارن، شھرين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو گلن جي ورکا ڪري ۽ اجرڪون ۽ لنگيون اوڍائي مارچ جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته مريم نواز، راڻا ثناءُ ۽ شهباز شريف تنهنجي ڌمڪين کان سنڌي ڊڄڻ وارا ناهن، سنڌي ته اڃا هاڻي ميدان ۾ نڪرڻ شروع ٿيا آهن، اسانکي ڪا تڪڙ ڪانھي، اسين ته اٺن مھنن کان چڻنگون ۽ ٽانڊا ميڙي، ھاڻ مچ مچائڻ نڪتا آھيون. سڀ ڀاڳيا گڏجي ھاڻي چور جو حشر نشر ڪنداسين، اسين سنڌ جي پاڻي، زمين، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين. وفاق، پنجاب ۽ ارسا سنڌ سان ناانصافيون جاري رکي رهيا آهن، سکر بئراج تي 5 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي 3 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته هي ڊگهي جدوجهد آهي، سنڌ جي چوري ڪيل ملڪيت واپس ڪرائينداسين، تڪڙو رزلٽ نه ملندو، سنڌو درياءَ تي 200 سالن جي ڌاڙي جو حساب وٺڻو آهي، تڪڙ ڪونهي،جيتري دير ڪندا، ڏکيا ٿيندا، اسان کي سڀ ليکا چوکا ۽ حساب ڪرڻا آهن اسان پاڻي، گئس، پئٽرول، منرلز ۽ ڪوئلي جا پراڻا کاتا کولڻ شروع ڪيا آهن، هاڻي جيتري دير ٿيندي، ڀاڳين کي فائدو ۽ چورن کي نقصان ٿيندو. بلاول اسان جي بهادر ڀيڻ بينظير جو پٽ آهي، وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪر. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي ريگستان بڻائڻ ملڪ ۽ پنجويهه ڪروڙ پاڪستانين سان دشمني وارو عمل هوندو، سنڌ جا ماڻهو علم، امن ۽ ترقي چاهين ٿا. انهن تي ٻيهر نئون تجربو نه ڪيو وڃي وفاق ۽ سنڌ جي حڪمرانن کي عارضي مفادن لاءِ فيڊريشن کي نقصان پهچائڻ بند ڪن، چولستان ۾ 6 ڪئنالن ٺاهڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي، ۽ سي سي آءِ تعصب سان ڀريل ادارا ثابت ٿيا آهن اياز لطيف پليجي چيو ته پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت لاءِ پاڻي بنيادي انساني حق آهن پارليامينٽ ۽ سي سي آءِ سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق بڻيل آهن سنڌ جي وسيلن ۽ معدنيات کي بي رحمي سان لُٽيو پيو وڃي چشمه ۽ تونسا ڪئنالن جو مسلسل وهڪرو پڻ هڪ غير قانوني ۽ غير آئيني عمل آهي سنڌ کي ٽيهن سالن کان 1991 جي ايڪٽ تحت پاڻي نه ملي رهيو آهي اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي وفاق سان معاهدو ڪيو آهي ته سنڌ خاموش رهندي، شهباز شريف ۽ آصف زرداري ضياءَ ۽ مشرف کان وڌيڪ طاقتور نه آهن سنڌو درياءَ سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪئنالن جي سمري تي صدر علوي صحيح نه ڪئي، زرداري صاحب صحيح ڪري ڇڏي سنڌ ۾ ڪپهه ۽ چانورن جي فصلن لاءِ پاڻي ناهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ گهٽجي سگهي.