نندوشھر (ن پ ا) نندو لڳ 4 سالا نينگري کي پوليو ظاهر ، ڊي ايچ او هيلٿ بدين ٽيم سميت نينگري جي ڳوٺ پهچي ويو، نينگري انڊس اسپتال بدين ۾ داخل، پوليو هجڻ جي تصديق تفصيل موجب نندو ويجهو يونين ڪائونسل مٺي ٿري جي ڳوٺ وليداد لنڊ جي رهواسڻ 4 ورهين جي نينگري سائرا ڌيءَ محمد حسن لنڊ کي پوليو ظاهر ٿيو آهي، اهڙي واقعي جو اطلاع ملندي ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر انجم سومرو، ڊبليو ايچ او جو ايريا ڪوآرڊينيٽر هيلٿ کاتي مان مختلف ٽيمون ساڻ ڪري ڳوٺ وليداد لنڊ پهتا، جنهن بعد پوليو ۾ مبتلا نينگري سائرا کي انڊس اسپتال بدين ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي سندس وڌيڪ علاج ۽ ٽيسٽون هلي رهيون آهن، ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي پوليو جي فوڪل پرسن حنيف پنهور پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پوليو وائرس آهي، نينگري کي باقاعده پوليو جا ڦڙا به پياريا ويا آھن ۽ ٽُڪا پڻ لڳايل آهن، پر ان باوجود نينگري کي پوليو ظاھر ٿيو آھي، جنھن لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو آھي، جيڪو رپورٽ ڏيندو ته ڪھڙي سبب جي ڪري ٻارڙي کي پوليو ظاهر ٿيو آھي.