بدين/نندوشھر (رپورٽر+ن پ ا) نندو لڳ دڪان تي ستل نوجوان ڪهاڙيون هڻي قتل تفصيل موجب گذريل رات دير سان نامعلوم جوابدارن ٿرڪول روڊ تي قائم ٽائرن جي دڪان تي ستل 35 سالا نوجوان باقر علي ابڙو کي ڪهاڙين جا وار ڪري شديد زخمي ڪري فرار ٿي ويا، نوجوان کي انڊس اسپتال بدين آڻڻ بعد نازڪ حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪيو ويو، جتي نوجوان زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو، اهڙو اطلاع سندس گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، فوتي نوجوان غير شادي شدهه هو ۽ گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو،  جيڪو ٿرڪول روڊ تي ٽائرن جي دڪان تي مزدوري ڪندو هو، هوڏانهن فوتي نوجوان جو لاش جو نندو رورل هيلٿ سينٽر ۾ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نندو ٿاڻي تي موجود ڊيوٽي آفيسر پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، وارث ايف آءِ آر ڪرائڻ ايندا ته جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.