نندو (ن پ ا) ٿرڪول باءِ پاس روڊ ۽ ٽنڊوباگو- نندو روڊ تي نوجوانن پاران ون وِيلنگ روز جو معمول بڻيل، شڪايتن باوجود پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو، وَن وِيلنگ ڪندڙ ڪيترن ئي نوجوانن جون زندگيون داءُ تي لڳل، شهرين جلد نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب نندو ۾ ٿرڪول باءِ پاس روڊ ۽ ٽنڊوباگو- نندو روڊ تي نوجوانن پاران موٽرسائيڪلن تي ون وِيلنگ روز جو معمول بڻجي وئي آهي، جنهن سبب روڊ حادثن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. شهرين ۽ والدين جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته ڪافي ڀيرا پوليس کي شڪايتون ڪيون، ان جي باوجود ون وِيلنگ جو آزار گهٽجي نه سگهيو آهي، جنهن جي نوجوانن جون زندگيون داءُ تي لڳي ويون آهن. شهرين حاجي سُونهارو ملاح، زوار حُسين ڀرڳڙي، نورالدين ميمڻ ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته وَن وِيلنگ ڪندڙ نوجوان موت جي راند کيڏي رهيا آهن. نوجوان پنهنجون ڄنگهون ۽ ٻانهون ٽوڙائي زندگيءَ ڀر لاءِ معذور بڻجي وڃن ٿا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ حيدرآباد، ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته ون وِيلنگ تي ضابطو آڻي ملوث نوجوانن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.