نندوشھر (ن پ ا) نندو ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائٽي سڪندر علي ميمڻ اسپتال اندر پنهنجي چاچي 62 ورهين جي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ ۽ 26 ورهين جي نوجوان شيرباز علي ميمڻ کي گوليون هڻي فرار ٿي ويو، زخمين کي نندو رورل هيلٿ سينٽر آنوو ويو، طبي امداد ڏيڻ بعد ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ کي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب انڊس اسپتال بدين نيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار سڪندر علي ميمڻ پاڻمرادو نندو ٿاڻي تي پيش ٿيو، جڏهن ته پوليس سندس ٻن ڀائرن اشفاق علي ميمڻ ۽ اقبال علي ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو، واضح رهي ته ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ صحت کاتي مان 18هين گريڊ ۾ هڪ سال اڳ رٽائرڊ ٿيو هو ۽ نندو ڪڍڻ روڊ تي پنهنجي پرائيويٽ اسپتال هلائيندو هو، جڏهن ته جوابدار سڪندر علي ميمڻ واپڊا ۾ ميٽر ريڊر آھي.