لاهور (شوبز نيوز) اڀرندڙ اداڪارا نمرا خان سوشل ميڊيا تي مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي پنهنجي ٻي شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو. نمرا خان پنهنجي شاندار اداڪاري سان شوبز جي دنيا ۾ هڪ جاءِ ٺاهي آهي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي هميشه پنهنجي مداحن سان رابطي ۾ رهندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس زندگيءَ جو صفحو ڪنهن کان ڳجهو ناهي، جڏهن هن لاڪ ڊائون دوران خاموشي سان شادي ڪئي هئي، تڏهن به هن مداحن کي اها خوشخبري پاڻ ٻڌائي هئي. اها شادي، جيڪا اپريل 2020 ۾ ٿي هئي، گهڻي دير نه هلي ۽ هڪ سال بعد ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي. پر هاڻ نمرا خان انسٽاگرام تي هڪ مداح جي سوال جي جواب ۾ جلد ٻي شادي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. نمرا خان جي اعلان کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين سوال پڇيا ۽ اڪثريت گهوٽ بابت ڄاڻڻ چاهي ٿي. لڳي ٿو ته نمرا خان هاڻي دل جي معاملي ۾ سسپنس برقرار رکڻ چاهي ٿي، ان ڪري هن انهن سوالن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. سو نمرا خان ڪنهن سان شادي ڪرڻ واري آهي، ان لاءِ سندس مداحن کي انتظار ڪرڻو پوندو.