ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نقيب الله قتل ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي، عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 2 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. ڪالھ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جو ضمني چالان جمع ڪرايو ويو. عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 2 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. عدالت جوابدارن کي ڪيس جي ڪاپي فراھم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. گرفتار جوابدارن ۾ اڳوڻو ايس ايچ او امان الله مروت، گدا حسين، صداقت حسين، رياض احمد، راجا شميم ۽ محسن شامل آھن، جڏھن ته  ڪيس جو مرڪزي جوابدار اڳوڻو پوليس آفيسر شعيب شوٽر ضمانت تي آزاد آھي. عدالت جيل اختيارين کي گرفتار جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پراسيڪيوشن موجب ڪيس ۾ اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 18 پوليس آفيسر ۽ اھلڪار آزاد ٿي چڪا آھن. ڪيس ۾ اڳوڻو ايس ايچ او امان الله مروت سميت 7 پوليس اھلڪار ۽ آفيسر مفرور آھن. نقيب الله کي جنوري 2018 ۾ پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو ھو.