اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهچي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ خطي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محسن نقوي، مولانا فضل الرحمان کان خيريت معلوم ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو