نفيس نگر (ن پ ا) نفيس نگر ۾سهولتن جي کوٽ، رهواسي روڊن تي نڪري آيا، غريب نواز ٽنگڙي، صدام گشڪوري، شاهد گشڪوري، موسيٰ ٽنگڙي، فهيم گشڪوري، جعفر اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته يوسي فقير فيض محمد بلالاڻي ۾ 10 کان 12 لک رپيا هر مهيني اچن ٿا، خبر ناهي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي، بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته جاچ ڪرائي وڃي.