نفيس نگر (ن پ ا)  نفيس نگر ڀرپاسي  جي لوڪل مارڪيٽ ۾ نئين ڪڻڪ 2200 سئو 2400 سئو رپيا في مڻ وڪرو ٿي رهي آهي  منافعي دار فلور ملز ۽ چڪي مالڪ گهٽ ريٽ تي ڪڻڪ خريد ڪري مانگهي ريٽ  اٽو وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري پورهيت هاري توڙي مزدور جا معصوم ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ان حوالي سان  سنڌ هاري تحريڪ جي اڳواڻ راڻو سنڌي، بشير ڪامريڊ ۽ ٻين ٻڌايو ته تعلقي جهڏو سميت نئون ڪوٽ، نفيس نگر، روشن آباد، آهوري، فضل ڀنڀرو ۽ ٻين لاڳاپيل شهرن ۾ اٽو 3600 سئو 4000  هزار روپيه في مڻ جي احساب سان وڪرو ڪري رهيا آهن جڏهن ته  ڪڻڪ جي پيسائي ٻين شهر کان تعلقي جهڏي ۾  مانگهي ڪري 600 سئو رپيا في مڻ ۽ 2 ڪلو ڪاٽ ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري مختلف شهرن ۾ هلندڙ هوٽلن تي ماني 20 کان 25 روپيا جي حساب وڪرو ٿي رهي آهي چپاٽي نان ۽ پراٺي جو ريٽ ٻيڻو تي وڪرو جاري آهي جنهن ڪري غريبن توڙي پورهيتن جا لاهه نڪري ويا آهن  اڪثر هنڌن تي فلور ملز مالڪن ڪڻڪ  لوڪل مارڪيٽ. مان گهٽ ريٽ  تي خريد ڪري اسٽاڪ  ڪري هارين کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، رهواسين سنڌ سرڪار کان  فوري طور تي نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.