نفيس نگر(ن پ ا) شهر سميت ٻهراڙي جي علائقن ڳوٺ گاهي خان گشڪوري محمد حسن گشڪوري چڪچار 13 ميل موري 16 ميل موري نصرت آباد اسٽيٽ مبارڪ آباد فارم آهوري گابرلو 16 ميل موري. 13 ميل موري. بلالاڻي اسٽيٽ. ۽ ٻين هنڌن تي مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي جڏهن ته صحت کاتي ميرپورخاص جي عملدارن پاران ڄاڻايل علائقن ۾ مڇر مار اسپري نه ڪرائڻ ۽ مڇردانيون فراهم نه ڪرڻ سبب مليريا وبائي صورت اختيار ڪري ويو آهي نفيس نگر . پي پي ايڇ آ فقير فيض محمد بلالاڻي سينٽر مان مليل معلومات مطابق هفتي دوران 300 کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، صحت کاتي پاران اڃان تائين مليريا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به تڪڙا قدم نه کنيا آهن جنهن سبب پي پي ايڇ آءِ فقير فيض محمد بلالاڻي سينٽرن سان گڏوگڏ نجي اسپتالون پڻ مريضن سان ڀرجي ويون آهن ٻئي طرف مليريا ۾ اضافو پيدا ٿيڻ کان پوءِ هتان جي رهواسين بشير خان گشڪوري ڪرشن ڪمار تيرٿ ڀيل فهيم گشڪوري ۽ ٻين ڊي ايڇ او ميرپورخاص توڙي صحت کاتي جي سيڪريٽري کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڄاڻايل علائقن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي گڏوگڏ مڇردانيون فراهم ڪري جاني نقصان کان بچايو وڃي.