نفيس نگر (ن پ ا) نفيس نگر ڀرسان ڳوٺ فضل ڀنڀرو ۾ 12ورهين جي نينگري هنجو ڌيءُ ڏانو ڪولهي سان مبينا طور هڪ جوابدار پاران زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، وارثن پاران پوليس کي درخواست ڏني وئي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، ٻئي طرف متاثر نينگري جي ڀاءُ شالو ڪولهي، لالجي، وشرام، والجي، محبتو، سونون، گلاب ڪولهي ۽ ٻين پوليس پوسٽ آڏو احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار وزير پٽ حضور ٽنگڙي گهر اندر داخل ٿي نياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، هنن چيو ته سجاڳ ٿيڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويو، هنن ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي سزا ڏئي انصاف ڪيو  وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي نفيس نگر پوليس پوسٽ انچارج احسان جروار ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اڃا تائين ڪو به فريادي ناهي پهتو، فريادي ڌر ايندي ته ڪيس داخل ڪيو  ويندو.