نفيس نگر(ن پ ا) نفيس نگر مان مزدوري سانگي ڪراچي ويل 19 ورهين جو نوجوان مزدوري دوران لوهه جي چادر ڪرڻ سبب فوت، خبرموجب ڳوٺ سوڌو گشڪوري جو رهواسي 19 ورهين جو نوجوان وقاص پٽ شير محمد گشڪوري مزدوري لاءِ ڪراچي جي علائقي گهگر ڦاٽڪ ويل هو، تعمير ٿيندڙ آئل ملز ۾ مزدوري ڪندي لوهي چادر ڪرڻ سبب نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو، سندس مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو نوجوان جي اوچتو موت تي علائقي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.