سماج ماڻهن جي ميڙ ۽ انهن جي سرگرمين جو نالو آهي، جنهن ۾ ماڻهو هڪٻئي کان متاثر ٿين ٿا ۽ هڪٻئي تي اثر انداز پڻ ٿين ٿا. اچو ته ان نفسيات جي سماجي اثرن جو جائزو وٺون. سماجي اثر (Social Influence) اها هڪ نفسياتي حقيقت آهي، جنهن تحت فردن جو رويو، سوچ ۽ فيصلا ٻين ماڻهن يا سماجي گروهن جي اثر هيٺ تبديل ٿين ٿا. اهو اثر مختلف طريقن سان ٿي سگهي ٿو، جهڙوڪ؛ پروپيگنڊا، هيپناٽزم، سماجي دٻاءُ، ۽ برين واشنگ.
سماجي اثر جا مکيه قسم
- مطابقت (Conformity)
مطابقت جو مطلب آهي ته ماڻهو سماجي يا گروهي دٻاءُ سبب پنهنجو رويو، خيال يا فيصلا تبديل ڪن ٿا ته جيئن ٻين سان هم آهنگ/هڪجهڙا ٿي سگهن.
مطابقت جا مثال: جيئن ڪپڙن ۽ فيشن جا رجحان آهن، جتي ماڻهو نوان نوان فيشن اختيار ڪن ٿا، ڇو ته سماج ۾ انهن کي پسند ڪيو وڃي ٿو.
Asch Conformity Experiment- (1951)
هن تجربي ۾ ڏٺو ويو ته ماڻهو غلط هئڻ باوجود ٻين جي راءِ سان متفق ٿي ويندا آهن، ڇو ته اهي اڪيلا ٿيڻ نه چاهيندا آهن.
- فرمانبرداري (Obedience)
فرمانبرداري تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اختيار واري شخص (authority figure) جي حڪم تي بنا سوال ڪرڻ جي عمل ڪن. جيتوڻيڪ اهو اخلاقي طور غلط به هجي. فرمانبرداري جا مثال: فوجي حڪم، جتي سپاهي اعليٰ عملدارن جا حڪم مڃين ٿا.
Milgram Experiment: (1963)
هن تجربي ۾ ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته هو ٻين ماڻهن کي بجلي جا جهٽڪا ڏين. اڪثر ماڻهن اهو حڪم مڃيو. جيتوڻيڪ انهن کي خبر هئي ته اهو غلط آهي.
- مڃتا (Compliance)
مڃتا جو مطلب آهي ته ماڻهو ڪو خاص درخواست يا مطالبو قبول ڪن، ڀلي هو ان سان اندروني طور متفق نه به هجن. مڃتا جا مثال: واپاري اشتهار جيڪي ماڻهن کي خاص شين جي خريداري لاءِ آماده ڪن ٿا. سياستدان جيڪي ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪن ٿا.
مڃتا جو طريقو: Foot-in-the-door Technique
پهرين ننڍي درخواست ڪئي وڃي، پوءِ وڏي درخواست منظور ڪرائي وڃي.
- برين واشنگ (Brainwashing) ۽ نفسياتي ڪنٽرول
برين واشنگ هڪ سخت ترين قسم جو سماجي اثر آهي، جنهن ۾ ڪنهن فرد يا گروه جي سوچ کي مڪمل طور تي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. برين واشنگ جا مثال: ڪجهه مذهبي فرقا (Cults) جتي ماڻهن کي سماج کان الڳ ڪري انهن تي ذهني ڪنٽرول حاصل ڪيو وڃي ٿو.
سياسي پروپيگنڊا: جتي حڪومتون يا جماعتون پنهنجي عوام جي سوچ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ميڊيا جو استعمال ڪن ٿيون.
برين واشنگ جا طريقا:
سماج کان الڳ ڪرڻ(Isolation): ماڻهن کي سندن پراڻن دوستن ۽ ڪٽنب کان پري رکڻ. مسلسل خوف ۽ ڏهڪاءَ جي صورت ۾ ڪنٽرول ڪرڻ.
بار بار ورجاءُ: هڪ ئي خيال کي بار بار ورجائڻ ته جيئن ماڻهو ان کي صحيح سمجهن.
- اجتماعي رويو (Group Behavior) ۽ اجتماعي اثر (Group Influence)
اجتماعي رويو اهو آهي جڏهن ماڻهو گروهه جي اثر هيٺ اچي پنهنجو رويو تبديل ڪن.
اجتماعي روين جا مثال:
Mob Mentality (هجوم جو نفسياتي اثر): جڏهن ماڻهو هجوم ۾ اچي پنهنجو ذاتي فيصلو وڃائي ويهن (جهڙوڪ فساد يا هنگاما).
Social Loafing: يعني جڏهن ماڻهو گروهه ۾ ڪم ڪن ٿا ته ڪجھ ماڻهو محنت ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا آهن، ڇو ته انهن کي خبر هوندي آهي ته ٻيا ڪم ڪري وٺندا.
سماجي اثر جو هاڪاري ۽ ناڪاري پاسو
هاڪاري اثر:
نوان سٺا رجحان مثلاً صحت مند عادتون، تعليم، رانديون، فيشن، قانوني فرمانبرداري، ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪرڻ، سماجي ڀلائي جي تنظيم، اتحاد.
ناڪاري اثر:
برين واشنگ ۽ پروپيگنڊا، گروهي تشدد ۽ نسل پرستي، غير ضروري فرمانبرداري، جيڪا ظلم يا ناجائز فيصلا قبول ڪرائي سگهي ٿي…!
سياست ۾ سماجي اثر جو استعمال؛
سياست ۾ سماجي اثر انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇو ته سياستدان ۽ حڪومتي ادارا ماڻهن جي راءِ، فيصلا ۽ عقيدا تبديل ڪرڻ لاءِ مختلف نفسياتي حڪمت عمليون (psychological tactics) استعمال ڪن ٿا. انهن طريقن مان ڪي هاڪاري هوندا آهن (جهڙوڪ عوامي آگاهي مهم) جڏهن ته ڪي ناڪاري هوندا آهن (جهڙوڪ پروپيگنڊا، برين واشنگ، ۽ خوف جي حڪمت عملي).
- پروپيگنڊا (Propaganda) يا عوام جي سوچ کي ڪنٽرول ڪرڻ:
پروپيگنڊا هڪ اهڙي حڪمت عملي آهي، جنهن ذريعي چونڊيل ۽ لاڀائتا پيغام، تصويرون ۽ خبرون ورجايون وڃن ٿيون ته جيئن ماڻهن جي سوچ تي اثر وڌي.
پروپيگنڊا جا مثال:
* نازي جرمني (هٽلر جو پروپيگنڊا وزير جوزف گوئبلز): نازي پارٽي ماڻهن کي قائل ڪرڻ لاءِ ميڊيا، اخبارون،ريڊيو،پوسٽرز استعمال ڪيا، جن ۾ يهودين خلاف نفرت پيدا ڪرڻ جا جذبا وڌايا ويا.
* سرد جنگ دوران آمريڪا ۽ سوويت يونين: ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي خلاف ميڊيا ۽ فلمون استعمال ڪري عوامي راءِ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
* موجوده دور: اڄ به ڪيتريون حڪومتون سوشل ميڊيا، ٽي وي، ۽ ڪوڙين خبرن (fake news) جو استعمال ڪن ٿيون ته جيئن عوام کي مخصوص موقف مڃڻ لاءِ آماده ڪري سگهن.
- سياسي برين واشنگ (Political Brainwashing)
برين واشنگ هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي ماڻهن جي سوچ کي آهستي آهستي بدلائي انهن کي هڪ مخصوص نظريي يا سياسي موقف جو حامي بڻايو ويندو آهي.
سياسي برين واشنگ جا طريقا:
سماجي عليحدگي (Isolation): ماڻهن کي متبادل خيالن کان پري رکڻ جهڙوڪ انهن تي بندش پيل يا ڪنٽرول ٿيل ميڊيا ذريعي پنهنجو حامي بڻائڻ.
بار بار ورجاءُ: ساڳي ڳالهه کي بار بار ورجائڻ (جهڙوڪ سياسي تقريرون، اشتهار، ۽ نعرا).
ڊپ ۽ خوف: عوام ۾ خوف پيدا ڪرڻ ته جيئن هو مخصوص سياسي حڪمت عملي کي مڃي وٺن (مثلاً، “جيڪڏهن اسان کي اوهان ووٽ نه ڏنو ته ملڪ تباهه ٿي ويندو).
ڪوڙي معلومات (Misinformation):
مخالف ڌر بابت ڪوڙيون يا گمراهه ڪندڙ خبرون پکيڙڻ. مثال: ڪجهه آمر حڪمران، ٽي وي، اخبارون، ۽ اسڪولي/نصابي ڪتابن ذريعي عوام کي پنهنجو حامي بڻائيندا آهن.
ڪجهه سياسي پارٽيون سوشل ميڊيا تي Bot Accounts ۽ Troll Farms استعمال ڪري پنهنجو نظريو هلائين ٿيون.
- پاپولزم ۽ عوامي احساسن کي قابو ڪرڻ (Populism & Emotional Manipulation)
پاپولزم (Populism) هڪ سياسي حڪمت عملي آهي، جنهن ۾ سياستدان عوام جي جذبات سان کيڏندا آهن. انهن جي مايوسي، خوف، يا اميدن کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪندا آهن.
پاپولزم جا مثال:
* دشمن ٺاهڻ (Scapegoating): اسان جي مسئلن جا ذميوار پرڏيهي، مخالف ڌر، يا ڪو مخصوص گروهه آهن.
* ڪوڙا وعدا (False Promises):
اسان اقتدار ۾ ايندي ئي عوام جا سڀ مسئلا حل ڪري ڇڏينداسين.
* ڪاوڙ يا جذبات کي ڀڙڪائڻ: عوام کي مخالفن خلاف جذباتي ڪرڻ، جيئن هو تنقيدي سوچ کانسواءِ ڪنهن جي حمايت ڪن. مثال: ڪيترائي آمر عوام کي چوندا آهن ته، “سڄي مخالف ڌر سازشي آهي، رڳو آئون ئي توهان کي بچائي سگهان ٿو”. ڪجهه جمهوريت پسند اڳواڻ پڻ جذباتي نعرا هڻندا آهن ته جيئن هو ووٽرن کي متوجهه ڪري سگهن.
- ميڊيا جو ڪنٽرول ۽ پروپيگنڊا وار (Media Manipulation)
ميڊيا ڪنٽرول ذريعي حڪومتون ۽ سياسي جماعتون معلومات تي قبضو ڪري سگهن ٿيون ته جيئن عوام تي پنهنجو اثر وجهن.
ميڊيا ڪنٽرول جا طريقا:
* سرڪاري ميڊيا جو استعمال: حڪومتي ٽي وي چينلز ۽ اخبارون رڳو سرڪاري بيانن کي هلاين ۽ مخالفن کي نظرانداز ڪن.
* ڪوڙيون خبرون (Fake News): ڪوڙيون يا مبالغه آميز خبرون هلايون وڃن ته جيئن عوام هڪ خاص راءِ اختيار ڪري.
* سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول: آن لائن بوٽس ۽ جعلي پروفائيل استعمال ڪري مخصوص بيانين کي وائرل ڪرڻ.
مثال: ڪجهه حڪومتون مخالف ڌر جي آواز کي دٻائڻ لاءِ سندن بيانن کي فيس بڪ، ٽويٽر، يا ٻين پليٽفارمن تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. ڪجهه سياسي پارٽيون پنهنجي حق ۾ ڪوڙي مقبوليت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوڙا فالورز خريد ڪن ٿيون.
- گروهي نفسيات ۽ سياسي جلسا (Mass Psychology & Political Rallies)
سياستدان عام طور وڏن سياسي جلسن، ريلين ۽ احتجاجن ذريعي ماڻهن تي اجتماعي اثر وجهن ٿا.
* سياسي جلسن ۾ نفسياتي حڪمت عمليون:
ڏاهپ جو اثر (Bandwagon Effect): “جيڪڏهن سڀ ماڻهو اسان جي پارٽي کي ووٽ ڏئي رهيا آهن، ته پوءِ توهان به ڏيو”!
* نعرا ۽ علامتون: ”جيئي ملڪ! جيئي اڳواڻ!” جهڙا نعرا جن سان ماڻهن ۾ جذبو وڌي.
سڌو تخاطب: اڳواڻ جلسي ۾ ماڻهن سان اهڙي طرح ڳالهائيندو آهي، ڄڻ هو انهن مان ئي هڪ آهي. مثال: سياسي چونڊن کان اڳ وڏي تعداد ۾ جلسا ڪرڻ ته جيئن عوام جو جذبو وڌي.
مذهبي يا قومي جذبات کي سياست ۾ استعمال ڪرڻ (مثلاً، ملڪ کي “خطرناڪ حالتن” جو شڪار ڏيکارڻ).
- خوف ۽ بحران جو استعمال (Fear & Crisis Exploitation)
ڪجهه سياسي اڳواڻ عوام کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ خوف ۽ غيريقيني صورتحال کي هٿيار طور استعمال ڪندا آهن.
اهڙي حڪمت عملي جا مثال: “ملڪ خطري ۾ آهي!” حڪومت بحران جو ڊرامو ڪري ته جيئن هو وڌيڪ اختيار حاصل ڪري…… “مخالف ڌر دهشتگردن سان ڳنڍيل آهي!” اهڙيون دعوائون ڪري عوام جي توجهه هٽائڻ….. “جيڪڏهن اسان اقتدار مان نڪتاسين ته تباهي ايندي!” عوام کي ڊيڄاري ته جيئن هو سندن حمايت ڪن. مثال: ڪجهه آمر هنگامن يا جنگ جو بهانو ڏئي پنهنجو اقتدار وڌائيندا آهن. ڪجهه حڪومتون معاشي بحران کي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪن ٿيون.