نفرت جي بدبوءَ، جيتري پکيڙبي اوتري پکڙبي

0
132
ڇڙواڳ تبديلي سرڪار جي زوال جا سبب

 سنڌ حڪومت خلاف بلدياتي قانون توڙي ٻين سياسي مسئلن متعلق ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ ڪجھه ٻين شھري  سياسي ڌڙن طرفان جيڪا وٺ پڪڙ ٿيندي آئي آھي ان  ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ لاءِ ايم ڪيو ايم،  اربعا تي پريس ڪلب ڪراچي تائين پنهنجي رٿيل  مارچ جو رخ اوچتو موڙي وزير اعليٰ ھائوس ڏانهن ڪري ڌرڻي ھڻڻ جي  ڪوشش پڻ  ڪئي،  نتيجي ۾ سنڌ پوليس لٺبازي به ڪئي ته شيلنگ جو سهارو پڻ ورتو.  خميس ڏينهن ايم ڪيو ايم ڪارو ڏينهن ملهائي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا به ڪيا. وزير اعليٰ سنڌ پوليس جي ڪارروائي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي ۽ ايم ڪيو ايم کي بلدياتي قانون جي معاملي تي ڳالهين جي دعوت پڻ ڏني آھي. معاملو صرف بلدياتي قانون جي شقن تي اعتراض کان وڌي لسانيت ۽ نسل پرستي جو رخ اختيار ڪرڻ لڳو آھي.

ايم ڪيو ايم  طرفان اختيار ڪيل ان رويي جي تقليد ڪندي جماعت اسلامي به ڪراچي ۽ باقي سنڌ جو ذڪر ڌار ڌار ڪرڻ لڳي آھي. ان مذھبي جماعت  ايم ڪيو ايم ھٿان پنهنجي کسيل  عوامي مقبوليت واپس موٽائڻ جي ڪوشش طور بلدياتي قانون کي بهانو بنائڻ لاءِ  احتجاجن جو سلسلو  ڪافي ڏينهن کان جاري رکيو آھي، جنهن ۾ اٺاويھه ڏينهن  کان ھلندڙ سنڌ اسيمبلي آڏو جاري ڌرڻو به شامل آھي.(ڪالهه جماعت اسلامي ۽ حڪومتي وفد ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن)  پيپلز پارٽي جي حڪومتي وزيرن ۽ نمائندن جي مخالفت ڪندي سنڌي آبادي ۽  سنڌي وڏيرو سڌا سنوان نشاني تي اچي ويا آھن. ماضي کي ذھن ۾ رکندي خطرناڪ  ۽ ھولناڪ نتيجن جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو آھي ته ڪٿي وري “باني ڀائي” جهڙا عصبيتي نعرا لڳائي بد امني جي باھ ته نه پئي ڀڙڪائي وڃي۔ !!؟

 بلدياتي قانون  يا ڪنهن ٻئي  سياسي اختلاف سبب مخالف جماعتن جي ھڪ ٻئي سان جائز سياسي اختلافن رکڻ سان غير جانبدار توڙي سڄاڻ طبقي کي ڪو گھڻو اعتراض ته ڇا واسطو به ڪونهي ڇو ته ماضي ۾ اھي ڌريون ھڪٻئي جون اتحادي بنجي سنڌ جو ٻيڙو تارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيترا دفعا ڪري چڪيون آھن پر پريشاني ان طرح جي ڳالھين تي آھي  جهڙي طرح ڪجھه  ڏينهن اڳ ٽنڊي الهيار ۾ ترقي پسند پارٽي جي الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ ڄاڻايل جوابدار خليل عرف ڀولو جي قتل کان پوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ،  تمام گهڻين لساني ۽ گروھي نفرتن جي باھه کي ڀڙڪائڻ ۾ گاسليٽ جو ڪم ڪري رھي آھي. ان واقعي کان ھٽي ڪري به جڏھن کان ايم ڪيو ايم وڏن شھرن جي ميئرشپ جي مدت جي پڄاڻي کان پوءِ شھرن ۾ راڄ ڪرڻ کان محروم ٿي آھي ۽ مڪاني ادارن لاءِ سنڌ اسيمبلي  نئون قانون منظور ڪري ورتو آھي تڏھن کان سندن سخت زبان تلخي کان اڳتي وڌي نسلي منافرت،  ڌار صوبي ۽ نسلي فساد ڪرائڻ جھڙن رجحانن طرف راغب آھي.

ھن پارٽي جا اڳواڻ ڪنهن مهل طنز ڪندي چون ٿا  ته سنڌي وزير اعليٰ ۽ وزيرن کي پينٽ شرٽ پائڻ سوڌو لباس پهرڻ جو ڍنگ به ھّنن سيکاريو آھي. ڪنهن مهل وڏي شلوار ۽ پڳ تي چٿر ٿي ٿئي ته ڪڏھن وري سابق مشيرِ داخلا  12 مئي جي قتلِ عام جو ذميوار سمجهيو ويندڙ ۽ سابق ميئر وسيم اختر سنڌي ٽوپي تي ٽوڪون  ٿو ڪري ( ھاڻي ان جي وضاحت به پيش ڪري رھيو آھي) ته وري اڪثر پريس ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي اصلوڪي آبادي،ڌرتي ڌڻين ۽ وڏن شھرن کان سواءِ باقي سنڌ جو ذڪر نفرت ۽ حقارت سان ان طرح ڪيو وڃي ٿو ڄڻ ته سابق يوگوسلاويا جي مسلم آبادي ۽ غير سرب علائقن جو احوال بيان ٿي رھيو ھجي. سنڌ جيڪا بنيادي طور تي ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ تاريخي طور تي ان کان به اڳتي تائين پنهنجي يڪتائي واري حيثيت رکي ٿي ان جو احوال “ ڪراچي اور سنڌ ” جهڙن اصطلاحن سان ڪرڻ سان ڏاڍي اذيت ٿي پهچي ۽ پڻ اھي خيالي پلاءَ آھن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڪو سنڌ کان ڌار ڪري سگهبو، ڇو ته اھڙي ڪوشش ته پري رھي، رڳو ڳالھه  ڪرڻ به ھتي جي مقامي آبادي کي ھضم نه ٿيندي.

 اھا زميني حقيقت آھي ته ھندستان جي ورھاڱي وقت سنڌ جا ھندو ھندستان وڃڻ تي مجبور ڪيا ويا ۽ ھندستاني مسلمان پاڪستان ڏانهن ڌڪيا ويا. سڀني سان زور زبردستي به ڪانه ٿي، گهڻائي پنهنجي بهتر مستقبل يا مٽن مائٽن جي سانگي سان يا وري بهتر آڇ ملڻ تي پڻ مائل ٿي.  جڙي کي جس، جيڪو ٿيو سو ٿيو. نئين وطن ۾ ھندستاني پناھگير پنجاب صوبي ۾ به وڏي انگ ۾ پهتا جن پنهنجي پاڻ کي مقامي آبادي ۾ مدغم ڪري پاڻ کي پنجابي ۽ پاڪستاني ڪوٺائڻ ۾ فخر محسوس ڪيو. نتيجي ۾ علائقي، ٻولي ۽ نسل بابت ڪوبه مت ڀيد  پيدا ڪونه ٿيو پر سنڌ ۾ معاملو مختلف رھيو. 74 سال گذرڻ کان پوءِ به اردو ڳالهائيندڙ ڀائر پاڻ کي مهاجر سڏائڻ ۽ زبردستي مڃرائڻ تي بضد آھن. باني ايم ڪيو ايم جي فاشسٽ طرز جي سياست ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي باقي پاڪستاني قوميتن سان دشمني جو درس ڏيندي قلم ۽ زيور بدران ھٿيار ھٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا.

اسي واري ڏھاڪي جي پوئين اڌ کان اٿندڙ ان نفرت جي باھه  ۾ سڀ ڪجھه سڙي ڀسم ٿيڻ لڳو. چچريل ۽ ٻوري بند لاشن جي مٽا سٽا ان طرح ٿيڻ لڳي جهڙا لقاءَ نازي جرمني  جي فوجي ڪاررواين يا يوگوسلاويه جي نسل پرستي تي مبني خانه جنگي ۾ ته ممڪن لڳا ٿي پر مهمان ٿي ڏتڙجي آيل پناھگير آبادي طرفان پنهنجي ميزبانن طرفان مهيا ڪيل پناھگاھه ۾ اھڙيون قهري ڪارروايون ڪرڻ انسانيت جي عقلي دائري ۾ اچڻ کان ٻاھر ھيون. چوندا آھن ته ظلم آخر ظلم آھي جڏھن حد کان وڌندو آھي ته نيٺ مٽجي ويندو آھي. جن اصل قوتن  جي طاقت ۽ ڏڍ تي اھا ڪائونٽر بيلنس ڪرڻ واري قوت اڀاري ويئي ھئي انهن کي به جلد پتو پئجي ويو جڏھن جِن بوتل کان ٻاھر نڪتو ته پوءِ ڌڻي به ڌڪ جهلي نه سگهيا ۽ جيڪي ڪجھه ٿيو اھو ھر ڪنهن جي سامهون آھي.

ھن وقت ايم ڪيو ايم وٽ نه ته ساڳيو ووٽ بينڪ آھي نه ئي اھا يڪجهتي جيڪا ان جماعت جي باني جي دھشت ۽ آمراڻي اختيار جي دؤر ۾ ھئي. ٻئي پاسي وري اندروني اختلافن ۽ ڌڙي بندي ھن سياسي، علاقائي ۽ لساني جماعت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. ٽئين پاسي پي ٽي آئي ۽ پيپلز پارٽي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي جي حلقن مان واضح ڪاميابيون حاصل ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته ھاڻي ھڪڙي ٽيليفونڪ تقرير تي نه شھر بند ٿيندو ۽ نه ئي شھر ۾ راڪاس جو راڄ ان طرح  قائم ڪري سگهجي ٿو. مٿان وري بلدياتي قانون جي منظوري کان پوءِ حلقه بندين ڪرڻ جو وقت ويجهو اچي ويو آھي ۽ مارچ يا ان کان جلد پوءِ مڪاني چونڊون ٿيڻ جا واضح آثار موجود آھن. انهي پسمنظر ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي مضبوط ماضي ۽ گذريل چونڊن ۾ ناقص ڪارڪردگي کي ياد ڪندي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص شھرن ۾  اقتدار ۾ واپسي جا سهڻا سپنا ڏسندي پريشاني ۾ ھٿ پير ھلائي رھي آھي.

جيئن ته ھن جماعت جي سياسي سوچ جو محور مهاجر نسل پرستي ۽ ٻين قوميتن سو به خاص ڪري مقامي سنڌي آبادي  سان نفرت ڪرڻ وارو نعرو ھو، ان ڪري ساڳئي جوش ۽ جذبي کي اڀارڻ لاءِ وري ساڳيا آزمايل نسخي وارا نعرا دھرائڻ جو عمل زور شور سان شروع ڪيو ويو آھي. جڏھن ھو سنڌ جي وڏيري کي نفرت ۽ ڪراھت جي علامت طور پيش ڪندي ابتي سبتي زبان استعمال ڪرڻ لڳن ٿا ته ان وقت سندن سوچ  ۾ سنڌ مان چونڊيل سنڌي ڳالهائيندڙ اسيمبلي ميمبر ھوندا آھن جيڪي اقتدار ۾ به آھن. اھو سوچي ته سنڌي اديب ۽ قوم پرست جي تحرير ۽ تقرير ۾ به وڏيري کي نفرت جي علامت ڪري پيش ڪيو ويندو آھي ۽ نتيجي ۾ ھاري ۽ غريب به وڏيري کي ضرور ظالم ڪردار ليکيندو ھوندو، ان ڪري ڇو نه وڏيري کي علامتي ڪردار قرار ڏئي سڀني پراڻن سنڌين کي جاھل، ڳنوار، ظالم ۽ غير مهذب ڄاڻائي خوب گاريون ڏجن ۽ پنهنجي نسلي ۽ تهذيبي برتري ثابت ڪري موٽ ۾ نون سنڌين کان ووٽ وٺجي. جماعت اسلامي به ساڳي لغت وارا لفظ ۽ حربا استعمال ڪندي پنهنجي وڃايل عوامي طاقت کي واپس حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مصروف ٿي وئي آھي پر اھو عمل ڪندي شھري ۽ ٻھراڙي آبادي جي ويڇن کي پڻ وڌائي رھي آھي.

سندن ذھن ۾ اھا حڪمت عملي آھي ته جيئن ته کانئن ووٽر ايم ڪيو ايم کسيو ھو ۽ موٽ ۾ وري ايم ڪيو ايم کان ساڳي طاقت پي ٽي آئي ۽ پي پي پي کسي ورتي آھي.  ھن وقت وري عمران خان ۽ ايم ڪيو ايم ٻئي پارٽيون غير مقبول  ٿي وڃڻ جو تاثر عام آھي ان ڪري ھڪ تير سان ٻه شڪار ڪندي  سنڌ  ۾  حڪمران ڌر تي به دٻاءَ وڌائي ايندڙ بلدياتي توڙي عام چونڊن ۾ پنهنجي انتهائي غير مؤثر ۽ محدود ٿيل جماعت اسلامي جي گھٽ ۾  گھٽ ڪراچي  جي حد تائين واپسي ممڪن بنائجي،  جهڙي طرح مولانا فضل الرحمان جي مذھبي پارٽي جميعت العلماءِ اسلام ڪي پي  ۽ خاص ڪري پشاور ۾ ڪاميابي ماڻي آھي. وڏا خواب ڏسڻ ۾ ڏوھ به ڪونهي پر ٻلي جي ڇيڇڙن ۽ ڇلرن وارا خواب ھميشه مايوسي ۾ مبتلا ڪندا آھن، ان کان پوءِ علائقايت جا نعرا جماعت اسلامي وارن کي نٿا جڳائين.

ان سڄي ھل ھنگامي ۾ اصل ياد ڪرڻ واري حقيقت ھي آھي ته سنڌ جا اردو ڳالهائيندڙ ڀائر اصل ۾ 74 سال گذرڻ ۽ ٽئين نسل ۾ پير پائڻ کان پوءِ مهاجر نه پر نوان سنڌي آھن ۽ اصلوڪا  سنڌي ڳالهائيندڙ ڀائر پراڻا سنڌي آھن. اھي ٻئي قوميتون ھن سڄي صوبي جي ھر شھر، ھر ڳوٺ ھر شيءَ جا والي وارث آھن. نوان سنڌي ھاڻي موٽي ھندستان نه ويندا ۽ پراڻا سنڌي سنڌؤ يا سمنڊ ۾ ڪونه ٻڏندا. انهن ٻنهي کي  پنهنجي صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي محنت به ڪرڻي آھي ته وفاق وٽ ڦاٿل جائز حق به حاصل ڪرڻا آھن. سياست پنهنجي منشور ۽ منطقي سياسي پروگرام تحت ڪرڻ توڙي اقتدار ۾ اچڻ به ھر فرد ۽ جماعت جو حق آھي. ان معاملي ۾  ھر ڪنهن کي برابري جي بنياد تي آزادي حاصل ھجڻ گھرجي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته نئين ۽ پراڻي سنڌي جي ورھاست ۾  به ڇو وڃجي !؟ ٻئي قوميتون سنڌي آھن ۽ جيڪڏھن پنهنجي وسيلن ۽ روزگار کي محفوظ بنائڻو اٿن ته صرف سنڌي طور اھا جدوجهد ڪرڻ کپين ته غير قانوني افغان مھاجرن، برمين، بنگالين ، ھيروئن ۽ ھٿيارن جي سوداگرن توڙي ڪوڙن ڊوميسائيلن خلاف  جهاد ڪن. اڄ اسان جي ننڍن ۽ خاص ڪري وڏن شھرن ۾ روزگار جي ذريعن تي ٻين صوبن ۽ غير ملڪين جو قبضو آھي.

سياسي بيان بازي ۽ تنقيد جا سوين مهذب رستا به موجود آھن ته مناسب لفظ به. ڇا اھو ضروري آھي  ته ڪنهن جي لباس، زبان، ثقافت، تهذيب ۽ نسليت کي نشانو بنائي ان سڄي نسلي ۽ لساني طبقي ۾ اشتعال پيدا ڪري نفرت جون چڻنگون پکيڙي ڀڀڙ ڀڙڪائجي؟ ٽنڊي الهيار ۾  عبدالرحمان عرف ڀولو جو ٿيل قتل به قتل آھي ۽ ان کان پهريائين الطاف جسڪاڻي جو قتل به قتل ھو۽ ٻنهي معاملن کي منطقي انجام تي پهچائڻ پوليس ۽ عدالت جو ڪم آھي. قانون پاڻھي پنهنجو رستو ڳوليندو. رھيو سنڌ ۾ منظور ڪيل بلدياتي قانون جو ته اھو ھڪ قانوني فورم يعني چونڊيل اسيمبلي عددي اڪثريت ۽ جمهوري روايت جي بنياد تي پاس ڪيو آھي. قانون جي دائري ۾ اپوزيشن کي اختلاف ۽ احتجاج جو حق ان ساڳئي طرح حاصل آھي جهڙي طرح قومي اسيمبلي صرف اڌ ڪلاڪ ۾ مضبوط مخالف ڌر جي موجودگي ۾ 33 بل منظور ڪري ڇڏيا ھئا ۽ اپوزيشن کي احتجاج مان ڪجھه به نه وريو.  خير سان ايم ڪيو ايم به اھڙي عمل جو حصو ھئي.

ھن ملڪ توڙي صوبي ۾ ٻيا ٻرندڙ مسئلا به ايترا ته گهڻا آھن جو وري ڪنهن لساني يا نسلي نفرت  جي  باھه ڀڙڪائڻ جي گنجائش بنھه ڪانه ٿي بچي. ان ڪري سنڌ حڪومت، ايم ڪيو ايم،  جماعت اسلامي ۽ ٻيون سڀ ننڍيون توڙي وڏيون جماعتون ۽ گروھه امن ۽ ڀائيچاري قائم ڪرڻ لاءِ  پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن،  ان ۾ ئي سڀني جو ڀلو به آھي ڇو ته نفرت جي بدبوءَ جيتري پکيڙبي اوتري پکڙبي.

[email protected]