اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم جي رمضان المبارڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مناسب اگهه تي فراهمي لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عام ماڻهو کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪن، وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي بين المذاهب هم آهنگي واري پاليسي ۽ مذهبي رواداري واري حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته عوام کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مناسب اگهن تي فراهمي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي به هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وفاقي ڪابينا نيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ واري وزارت جي سفارش تي بي ايس 21 ڊاڪٽر حسن امين کي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسٽڊيز پاڪستان جو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان جي مقرري ميرٽ جي بنياد تي شفاف نظام تحت ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا طاهره رضا کي 5 سالن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي نان ايگزيڪيوٽو ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي بين المذاهب هم آهنگي واري پاليسي ۽ مذهبي رواداري واري حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي بين المذاهب هم آهنگي واري پاليسي ۽ مذهبي رواداري واري حڪمت عملي جو جائزو وٺي ڪابينا کي سفارشون پيش ڪيون آهن. ان پاليسي تحت مذهبي رواداري جي حوالي سان ڊائيلاگ ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون ۽ عوامي آگاهي مهم پڻ هلائي ويندي. مذهبي اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ ايڪشن پلان پڻ ان پاليسي جو حصو آهي. مذهبي رواداري جي حڪمت عملي تحت نفرت آميز مواد ۽ لٽريچر جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ مختلف فرقيواراڻن تڪرارن جي حل لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا ليلا الياس ڪلپنا ۽ ستونت ڪور کي متروڪه وقف املاڪ بورڊ ۾ عورت ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. روينيو ڊويزن جي سفارش تي وفاقي ڪابينا حڪومت پاڪستان ۽ حڪومت عراق وچ ۾ انڪم ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل تي ڊبل ٽيڪسيشن جي خاتمي، ٽيڪس چوري جي خاتمي جي حوالي سان ڪنوينشن جي ابتدائي ڊرافٽ تي صحي جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا 3 فيبروري 2025ع تي ٿيل اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا 7 فيبروري 2025ع تي قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن، رياستي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 11 فيبروري تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.