نصير ڪئنال جي پل نه ٺهي، ٻارڙا پاڻي مان گذري تعليم پرائڻ تي مجبور، شاگردياڻي ٻُڏي بيهوش، احتجاج

0
16
نصير ڪئنال جي پل نه ٺهي، ٻارڙا پاڻي مان گذري تعليم پرائڻ تي مجبور، شاگردياڻي ٻُڏي بيهوش، احتجاج
نصير ڪئنال جي پل نه ٺهي، ٻارڙا پاڻي مان گذري تعليم پرائڻ تي مجبور، شاگردياڻي ٻُڏي بيهوش، احتجاج

ڏيئو/نئون دمبالو (رپورٽ: عبدالغفور باگراڻي/ محمد يوسف رستماڻي) نصير ڪئنال جي پل نه ٺهڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون پاڻي مان گذري تعليم پرائڻ تي مجبور، ٻارڙِي پيءُ جي ڪلهي تان واهه ۾ ڪري پئي، بيهوشي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، ڳوٺاڻن جو احتجاج، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، خبرموجب ڏيئي ويجھو يوسي ٻڍو قمبراڻِي جي ڳوٺ عبدالحق ڀرڳڙي ۾ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون نصير ڪئنال تي پُل نه ھُئڻ ڪري جديد دور ۾ به ٿڌ دوران هڪٻئي کي ڪلهن تي کڻي نصير ڪئنال جي وھندڙ پاڻي مان ڪئنال پار ڪري اسڪول پهچن ٿا، جڏهن ته معصوم ٻارڙا هڪٻئي جا ڪتاب ۽ ٿيلها به مٿي تي کڻي پاڻي مان گذر ڪري ٻئي پار پهچن ٿا، جنهن دوران هڪ شاگردياڻي خانزادي ڌيءُ ممتاز حاجاڻو پيءُ جي ڪلهي تي چڙهي ڪئنال پار ڪرڻ دوران ڪئنال جي وچ ۾ پاڻي ۾ ڪري پئي، جنهن کي ڳوٺاڻن مڙسي ڪري بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍي سندس زندگي کي بچائي ورتو آهي، اهڙي واقعي جي ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن جو ڪنھن به نوٽيس نه ورتو آهي، اهڙي اطلاع تي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ٽيم نصير ڪئنال تي پهتي ته نصير ڪئنال تي ماڻهن جا هجوم بيٺل هئا، جن پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز کي ڏسڻ شرط پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ديهه ڪانگڻي جي ڳوٺ غلام حيدر جروار، روشن جروار، محمد قاسم حاجاڻو ۽ غازي خان چانڊيو سميت 5 ڳوٺن جي رهواسين عاشق جروار، ممتاز حاجاڻو، عادل چانڊيو، گل حسن شيخ، ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته نصير ڪئنال جي پل نه ٺهڻ سبب 5 ڳوٺن جا رهواسي پاڻي مان روز گذر ڪري ٻارڙن کي اسڪول پهچائن ٿا، جنهن ڪري ڪيترائي ڀيرا ٻارڙا توڙي سندن ڪتاب پاڻي ۾ ڪريا آهن، ان سلسلي ۾ اسان گذريل ست سالن کان نصير ڪئنال تي پل جي تعمير لاءِ چونڊيل نمائندن توڙي اختيارين آڏو دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير به اسانجي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن چيو ته معصوم ٻارڙا سردي جي موسم ۾ به اونهي پاڻي مان گذر ڪري روزاني اسڪول وڃڻ تي مجبور آھن، اسڪول نصير ڪئنال جي ٻئي طرف هئڻ ڪري ٻارڙا زندگي داءُ تي لڳائي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، ڳوٺاڻن مطالبو ڪندي چيو آهي ته گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي وٽان گذرندڙ نصير ڪئنال تي پل ٺھرائي ڏني وڃي ته جئين اسان جا معصوم ٻارڙا عزت سان پنھنجي تعليم حاصل ڪري سگھن،