نصيرآباد (ن پ ا ) نصير آباد ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سڏ تي مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي انور ڏنگڙائي، عاجز ماڇي، راشد نوناري ۽ جميل شيخ چيو ته هي سڀ چونڊيل توڙي ان چونڊيل حڪمران اسٽيبلشمينٽ جِي ايجنڊا تي ڪم پيا ڪن، حڪمرانن عوام دشمن پاليسيون جوڙي عام ماڻهو کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، هنن مهانگائي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.