نصيرآباد (ن پ ا ) نصير آباد ۾ بدامني خلاف شهرين جي ٿاڻي آڏو ڌرڻو خبر موجب سجاڳ شھري اتحاد نصيرآباد جي سڏ تي شهرين  اتحاد جي صدر آصف ڪاٺئي جي اڳواڻي ۾ پوسٽ آفيس کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي  ۾ شھر جي سياسي، سماجي، مذھبي ۽ واپاري تنظيمن جي اڳواڻن سميت شھرين ڀرپور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن آصف ڪاٺيو، منصور سومرو، ديدار کوکر، اعجاز شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هڪ سوچيل سمجهيم منصوبي تحت شھر جو امن امان خراب ڪيو پيو وڃي، چوريون ۽ ڦڙون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، هنن چيو ته ايس ايچ او مير احمد نواز تنيو شهرين کان ٿيل ڦر ۽ چوريون موٽرائڻ بدران شهرين سان بداخلاقي ڪري ٿو جيڪو عمل انتهائي ڀيانڪ آهي، امن بحال نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.