نصيرآباد(ن پ ا) نصيرآباد شھري اتحاد طرفان بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف خانگي بينڪ اڳيان 2 ڏينهن جي علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي معشوق علي ڦلپوٽو، عنايت الله تنيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سيپڪو عملدار شھر ۾ 18- 18 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، بجلي نه هلڻ ڪري واٽر سپلاءِ جي پاڻي جي به کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.